تماش گاهه … ڇا چونڊون وقت تي ٿي سگهنديون؟

0
161
تماش گاهه ... ڇا چونڊون وقت تي ٿي سگهنديون؟

  سڀ ڳڻپ ۾ مصروف آهن. سياسي جماعتن جا اڳواڻ پنهنجا تڪ ۽ امڪاني ڪامياب اميدوار ڳڻي رهيا آهن. مستقبل ۾ حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجن ماڻهن جو تعداد ڳڻي رهيا آهن. چونڊن ۾ حصو وٺڻ وارا اميدوار چونڊن جو ڏينهن ڳڻي رهيا آهن. ڏسڻو اهو آهي ته چونڊون ٿين به ٿيون يا نه! نگران حڪومت پنجاب جي نگران حڪومت وانگر پنهنجي آئيني مدت به گذاري ڇڏيندي. هتي آئين جي ڀڃڪڙي کي عيب نٿو سمجهيو وڃي. وفاقي حڪومت چونڊ سڌارن جي باري ۾ تجويزن تي غور ڪري رهي آهي. حڪومت ۾ شامل ڪجهه ڌريون ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيون آهن ته سندن سياسي مخالفن کي ڪهڙي ريت چونڊن کان ٻاهر رکي سگهجي ٿو. چونڊ سڌارن واري پارلياماني ڪميتي جي چيئرمين اياز صادق جو چوڻ آهي ته سياسي جماعت تي پابندي جي ڪا تجويز ويچار هيٺ ناهي، صرف طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان جو ڪم چونڊ سڌارا ڪرڻ آهي، سياسي جماعتن تي پابندي لڳائڻ ناهي. چونڊ سڌارن تي ڪميٽي سفارشن کي ايندڙ هفتي آخري شڪل ڏيندي. چونڊن جي شفاف ٿيڻ لاءِ اثرائتين تجويزن کي ويچار هيٺ آندو ويو. چونڊ سڌارن تي پارلياماني ڪميٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ سياسي جماعت تي پابندي جو اختيار سپريم ڪورٽ بدران پارليامينٽ کي ڏيڻ جي تجويز تي ويچاريو ويو. تجويز ڪيل ان ترميم ۾ چيو ويو آهي ته پهرين پارليامينٽ اهو جائزو وٺي ته سياسي جماعت تي پابندي لڳڻ گهرجي يا نه. ذريعن مطابق گڏجاڻي ۾ تجويز ڏني وئي ته پارليامينٽ سياسي جماعت تي پابندي لڳائڻ تي متفق هجي ته ان صورت ۾ معاملو سپريم ڪورٽ کي موڪليو وڃي.

چونڊ سڌارن تي پارلياماني ڪميٽي جو ان ڪئمرا اجلاس سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو. پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ 73 چونڊ سڌارن تي غور ڪيو ويو. پرزائيڊنگ آفيسر کي نتيجا ترتيب ڏيڻ لاءِ مخصوص وقت ڏيڻ جي تجويز به ڏني وئي. نتيجا مرتب ڪرڻ ۾ دير تي پرزائيڊنگ آفيسر کي جوابده قرار ڏيڻ لاءِ پڻ اتفاق ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ اها به تجويز سامهون آئي ته پرزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجن ۾ دير لاءِ ٺوس سبب ٻڌائڻ لاءِ پابند هوندو ۽ پرزائيڊنگ آفيسر صحي ٿيل نتيجي جي تصوير رٽرننگ آفيسر کي موڪليندو. پرزائيڊنگ آفيسر کي تيز ترين انٽرنيٽ ۽ اسمارٽ فون ڏيڻ جي پڻ تجويز ڏني وئي. گڏجاڻي ۾ پولنگ ايجنٽن کي به ڪئمرا وارو فون گڏ کڻي وڃڻ جي تجويز سامهون آئي. پولنگ اسٽيشن جي هر بوٿ تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ جي به تجويز ڏني وئي. شڪايت جي صورت ۾ ڪئمرائن جي رڪارڊنگ ثبوت طور پيش ڪري سگهبي. اميدوار به قيمت ادا ڪري پولنگ اسٽيشن جي وڊيو حاصل ڪري سگهندو. پارلياماني ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اميدوارن لاءِ چونڊن جي خرچن جي حد پڻ وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي. قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ 40 لکن کان هڪ ڪروڙ تائين خرچ جي حد مقرر ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي ۽ صوبائي سيٽ لاءِ چونڊ مهم تي 20 کان 40 لک خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي. ذريعن مطابق ڌانڌلي ۾ ملوث اليڪشن عملي جي سزا 6 مهينن کان وڌائي 3 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. غفلت تي پرزائيڊنگ ۽ رٽرننگ آفيسر جي خلاف فوجداري ڪارروائي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. ضابطهءِ اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جو فيصلو 15 بدران 7 ڏينهن ۾ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. پولنگ عملي جي حتمي فهرست بروقت اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جي تجويز به سامهون آئي آهي.

گڏجاڻي ۾ اهي به تجويزون پيش ڪيون ويون آهن ته اميدوار 10 ڏينهن اندر تڪ ۾ چونڊ عملي جي مقرري چئلينج ڪري سگهندو. سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ اسٽيشن جي ٻاهر ڊيوٽي ڏيندا. پرزائيڊنگ آفيسر جي اجازت سان سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ اسٽيشن جي اندر اچي سگهندا. وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه اها توقع رکي ٿو ته آڪٽوبر 2023ع ۾ چونڊون ٿي وڃن. سنڌ اسيمبلي جو مدو 13 آگسٽ تي ختم ٿي رهيو آهي. 12 آگسٽ جي رات 12 وڳي اسيمبلي جو مدو ختم ٿي ويندو. جڏهن اسيمبلي جو مدو ختم ٿي وڃي ته آئين ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻن مهينن ۾ چونڊون ڪرائڻيون آهن. مطلب ته ملڪ جي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ ڪنهن نه ڪنهن صورت  ۾ مصروف آهن. انهن جي دلچسپي جي هڪ ئي راند رهجي وئي آهي ته اهڙي ڪهڙي ريت اقتدار حاصل ڪري سگهن ٿا. آءِ ايم ايف جي منظور ڪيل قرض جي پهرين قسط به ملي چڪي آهي، هاڻي ڪهڙي ڳالهه جو خوف! پئسا ته موجود آهن، جيئن چاهيو تيئن خرچ ڪريو، البته معيشت کي سمجهندڙ هڪ هڪ ڊالر ڳڻي رهيا آهن ته حڪومت ڪهڙي ريت خرچ ڪندي ته ڪهڙا ڪهڙا نتيجا نڪرندا. سوال اهو آهي ته سرڪاري کاتن ۽ خانگي ادارن ۾ مالياتي ڪمپٽرولر ان ڪري مقرر ڪيا ويندا آهن ته اهي آمدني ۽ خرچ جو حساب ڪتاب رکندا آهن ۽ ضرورت وقت خطري جي گهنٽي وڄائيندا آهن پر پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کان فنانشل ڪمپٽرولر جو عهدو بي مقصد ثابت ٿي رهيو آهي. ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائين رياض ايئرپورٽ اٿارٽي جون بقايائون ادا ناهن ڪيون، جنهن تي قومي ايئر لائنز جي بقايائن جي ادائگي بابت خط پڻ وصول ٿي ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي رياض ايئرپورٽ کي 6 مهينن کان بقايائون نه ڏنيون آهن، قومي ايئر لائين کي 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بقايائون ادا ڪرڻيون آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي 15 جولاءِ تائين (تاريخ گذري وئي) بقايائون ادا ڪري. رياض ايئرپورٽ اٿارٽي ونٽر شيڊيول فلائيٽ جو سلاٽ ادائگي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق پي آءِ اي کي جده ايئرپورٽ جي بقايائن جي ادائگي لاءِ اڳ ئي وارننگ جاري ٿيل آهي. پاڪستان آمريڪا ۾ پاڪستان سفارتخاني جي بلڊنگ ڪابينا جي منظوري سان وڪڻي ڇڏي آهي. بلڊنگ جي ڄاٻي حوالي ڪرڻ جي تقريب لنڪن لائبريري واشنگٽن ۾ منعقد ٿي. اها عمارت پاڪستاني ڄائي آمريڪي شهري عبدالحفيظ خان 7.1 ملين ڊالر ۾ خريد ڪئي آهي. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير مسعود خان جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي فيصلي مطابق پراپرٽي وڪرو ڪئي وئي آهي ڪا ٻي پراپرٽي وڪرو نه پئي ڪئي وڃي. سفارتي ذريعن مطابق واشنگٽن ۾ عمارت جي وڪري لاءِ واڪ ڏنو ويو. اطلاعن موجب عمارت ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پاڪستاني ڪميونٽي جي خدمت ڪئي. ان تماش گاهه ۾ عجيب ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون. جيترين ڏکائين سان پاڪستان پنهنجا اثاثا ٺاهيا هئا، اوتري ئي آساني سان حڪومتن انهن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا گهر جا اثاثا به وڪڻي گهر هلائي سگهجي ٿو؟ اهڙن گهرن جو انجام اطمينان جوڳو ناهي هوندو. سوشل ميڊيا تي ڪنهن اهو لکيو ته، “پاڪستان او ايل ايڪس تي ٽنگيو ويو.”