اسٽاڪهم سنڊروم۽ سوشل ميڊيا

0
142
اسٽاڪهم سنڊروم۽ سوشل ميڊيا

 سيما جي معاملي تي ڌاڙيلن جا ٻٽاڪن ۽ بڪواس جا وڊيوز بابت منهنجو خيال هو ته اهي سوشل ميڊيا تي شيئر نه ٿيڻ گهرجن؛ جڏهن ته منهنجي دوست جو چوڻ هو ته اهي ونڊ ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ان سان ڌاڙيلن جي اصليت ماڻهن تائين پهچي ٿي، انهن خلاف نفرت جا جذبا پروان چڙهن ٿا. هن جي ان مؤقف جي مون وٽ عزت هئي، پر هو نه ٿو ڄاڻي ته پاڻ جنهن خطي ۾ رهون پيا، اتي انيڪ مسئلن سان گڏ لاتعداد نفسياتي مسئلا آهن. ماڻهو، جسماني توڻي ذهني صحت جي حوالي سان اڻ ڳڻين پيچيدگين جو شڪار آهن؛ جنهن ۾ هڪ وڏو ڊس آرڊر ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ پڻ آهي.

‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ ڇا آهي؟ ان تي مخلتف وقتن تي ڪيترائي مضمون ۽ تحقيقي مقالا شائع ٿيندا رهيا آهن. مختصر ريت جيڪڏهن ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ جي تشريح ڪجي ته اها هن ريت بيهندي، ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ ان خاص نفسياتي ڪيفيت يا ڊس آرڊر جو نالو آهي، جنهن ۾ مظلوم ڌر ظالم لاءِ دل ۾ همدردريون رکندي آهي. ان سنڊروم تي اهو نالو 1973ع ڌاري ان وقت پيو، جڏهن سوئيڊن جي شهر اسٽاڪهوم ۾ هڪ وڏي بينڪ کي ڌاڙو هڻي، اتي موجود ماڻهن کي مسلسل ڇهن ڏينهن تائين يرغمال بڻايو ويو. واردات کي ناڪام بنائڻ کان پوءِ جڏهن ڌاڙيلن تي ڪيس هليو ته بجاءِ جو يرغمال بڻيل انهن خلاف شاهديون ڏين، انهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ چندو شروع ڪري ڏنائون. اهڙي حالت ۾ پوليس ملڪ جي مشهور ڪرمنالاجسٽ ۽ نفسيات جي ماهر نلس بجروٽ کي مدد لاءِ سڏيو، جنهن ان دماغي ڪيفيت کي ‘نورملم اسٽاراگ سنڊروم’ جو نالو ڏنو. جيڪو بعد ۾ ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ جي نالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو.“

‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ جي باري ۾ جيتوڻيڪ هڪ سائنسي اسٽڊي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا ۾ هڪ لک ماڻهن مان هڪ شخص کي اهو دماغي ڊس آرڊر هوندو آهي، پر پاڻ جڏهن پنهنجي سماج تي نظر ڊوڙايون ٿا ته هر ٻيو ماڻهو خراب طرح سان ان نفسياتي بيماريءَ جي ور چڙهيل آهي. باقي دنيا ۾ اهو شرح ڀلي نه هئڻ جي برابر هجي، پر اسان جنهن سماج ۾ ساهه کڻون پيا، اتي هر ٻيون ماڻهو، ضرور ان سنڊروم جو شڪار آهي. ڌاڙيلن جا وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ به ان سلسلي جي ئي ڪڙي آهي. ٻهراڙين ۾ نامي گرامي چورن، ڪاٽڪن، ڏاميچن سان ياري رکڻ جي خواهش به ان بيماريءَ جي ڪڙي آهي. لوفرن سان نه فقط ياريون دوستيون رکيون وڃن ٿيون، پر انهن کي ‘مڙس ماڻهو’ سان به تعبير ڪيو وڃي ٿو. اڄ به سنڌي سماج ۾ ڌاڙيل ‘ڏاڍ مڙسي’ جو استعارو بڻيل آهن. اها ٻي ڳالهه ته سماج جي انهن عنصرن سدائين ‘شير شاه جي شڪري’ وارو ڪم ڪيو آهي.

خيرپور ميرس جي ڀرسان ڳوٺ جي نجمه (فرضي نالو) جي ڪهاڻي به ان خطرناڪ نفسياتي پيچيدگيءَ کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن ۾ هن والد جي قاتل سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري هئي. بعد ۾ ڪافي مسئلن جي ڪري اها شادي نه ٿي سگهي پر نجمه ٻي شادي به نه ڪئي. هزار بار سمجهائڻ جي باجود هوءَ سڌي يا اڻ سڌي طرح پنهنجي ضد تي قائم رهي ته شادي ڪرڻي آهي ته ان ئي ماڻهوءَ سان جيڪو هن جي پيءُ جو قاتل آهي!

‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ جا معاملا رڳو سنڌ ۾ به ناهن. پوري دنيا ۾ به ان جا ڪيترائي مثالن ملن ٿا. جهڙي ريت 1933ع ۾ آمريڪا ۾ 25 سالن جي ميري مڪ الروءُ کي اغوا ڪيو ويو. ان وچ ۾ ميري تي مسلسل جسماني تشدد ڪيو ويو. ايتري تائين جو هن کي زنجير هڻي هڪ ڀت سان ٻڌو ويو، پر آزاد ٿيڻ کان پوءِ ميريءَ نه فقط اغوا ڪندڙن جو دفاع ڪيو، پر انهن کي بزنس مين سڏيو. اهو پڻ ته ڏوهاري جيسيتائين جيل ۾ هئا، نوجوان ڇوڪري انهن سان باقاعدگيءَ سان ملڻ ويندي رهي. ميري مڪ الروءُ جوانيءَ ۾ ئي خودڪشي ڪري ڇڏي، هن پنهنجي پويان نوٽ ڇڏيو ته “سڄي دنيا ۾ فقط چار ماڻهو آهن، جن مونکي اغوا ڪيو ۽ سمجهن ٿا ته مان قطعي طور به بيوقوف ناهيان. توهان ته انهن کي موت جي سزا ٻڌائي آهي، پر مان انهن لاءِ هڪ ٻئي چانس جي درخواست ڪريان ٿي!”

ميري مڪ الروءُ کانسواءِ به جنهن کي پاڻ سڌريل دنيا سمجهون ٿا. ڪيترائي مثال ڀريا پيا آهن، پر ڳالهه جڏهن سنڌ ۽ پنهنجي سماج جي نڪري ٿي ته پاڻ ان معاملي ۾ گهڻا شاهوڪار نظر اچون ٿا. ڪارو منهن ڪري، پادرن جو هار پارائي، گڏهه تي گشت ڪرائڻ کان پوءِ اسان وٽ جوتا ننڍن ٻارن جا، منهن تي ڪجهه ليڪا ۽ گڏهه جو قد ايترو ٿي ويندو آهي جو همراهن جا پير پيا زمين سان گسبا آهن. ان سڄي تذليل ۾ به همدردي ڏاڍ ڪندڙن طرف ئي هوندي آهي. ٻيو ته ڇا پر توهان وٽ پنهنجي آس پاس جي مطالعي ڪرڻ جو ٿورو وقت هجي ته ڏسو. چور يا لوفر جڏهن ڪنهن مسڪين اٻوجهه سان ناجائزي ڪري ته سماج جا اڪثر چڱا ڀلا ماڻهو، ان جي ڪرتوتن جو دفاع ڪرڻ شروع ڪندا. جيڪڏهن لوفر ٿاڻيءَ تي پهتو ته ان کي ڇڏائڻ لاءِ راڄ اتي پهچي ويندا. هي ڳالهيون ڪي ٻي دنيا جون ناهن، پر اسان جي معاشري ۾ روز مرهه جي مشاهدن مان ئي حاصل ٿين ٿيون.

ڪجهه سال اڳ ‘ارتقا جو موافق ماحول’ جي نالي سان هڪ ريسرچ سامهون آئي. اسرائيلي محقق آزر گيٽ هن تحقيق ۾ ثابت ڪيو ته جديد هئڻ جي باجود انساني معاشري مان شڪاري عادتون ۽ خصلتون ختم ناهن ٿي سگهيون. جنگ ۽ اغوا انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. نتيجي ۾ سماج اندر هڪ طبقو شڪاري ته ٻيو شڪار ٿيڻ پسند ڪري ٿو. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ماڻهو شڪار ٿيڻ پسند ڪري يا پنهنجي مٿان ڏاڍ جبر کي سٺو سمجهي ته ان کي نفسياتي پيچيدگيون ئي چئي سگهجي ٿو. جنهن کي اسان ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ چئي سگهون ٿا، اهي هڪ ڏينهن يقين سان ختم ته ٿينديون پر انهن ۾ اڃا گهڻو وقت لڳندو. پوئتي پيل سماجن ۾ جتي هر پاسي ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ جا مثال پکڙيا پيا آهن، اتي هڪ ڳالهه خاص توجهه طلب آهي ته جنس جي آڌار مردن کان وڌيڪ عورتن انهن ذهني پيچيدگيءَ جو شڪار ملن ٿيون. ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هاجران جو مسئلو ته الائي ڇا هو پر جڏهن به هن مڙس ان کي جسماني تشدد جو نشانو بڻائيندو هو ته هوءَ خوش هوندي هئي، نه مارڻ جي صورت ۾ يا جڏهن مارڪٽ کي ڪجهه وقفو ٿيندو هو ته گهر ۾ مسئلا پيدا پوندا هئا. حاجران جو مڙس به ان ڳالهه کي سمجهي ويو هو ۽ زال کي خطرناڪ حد تائين مارڻ هن جي معمول ٿي ويو. حاجران ان تشدد مان ڪهڙو سڪون وٺندي هئي، يقينن اها پاڻ هڪ الڳ نفسياتي بيماري آهي، پر پاڻ ان کي به ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ جي خاني ۾ فٽ ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر وزير سولنگي، نفسياتي بيمارين جي تشخيص ۽ علاج سان گڏ ڪافي سماجي مسئلن تي به ڳوڙهي نظر رکي ٿو. هن جي بقول ته ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ رڳو هڪ فرد جو مسئلو ناهي، پر ڪافي ڪيسن ۾ اهو اجتماعي صورت به اختيار ڪري وٺي ٿو. بدقسمتيءَ سان پاڻ سنڌي به مجموعي طور ‘اسٽاڪهوم سنڊروم’ جو شڪار آهيون، جنهن جا مثال سوشل ميڊيا تي پکڙيا پيا آهن.