سنڌ ۾ ڌاڙيل نيٽ ورڪ ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟

0
341
سنڌ ۾ ڌاڙيل نيٽ ورڪ ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟

دنيا جتي ترقي جون منزلون طئي ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي، جتي نيون نيون ايجاديون ٿي رهيون آهن، انهن ايجادن ذريعي انسان هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو اچي ويو آهي، جنهن جو ماضي ۾ تصور ڪرڻ مشڪل هو. توهان موبائل فون کي ئي ڏسو. ننڍڙي فون ذريعي اسان دنيا سان ڳنڍيا پيا آهيون. نيٽ ذريعي هڪٻئي کي ڏسي رهيا آهيون. محسوس ائين ٿيندو آهي جو  فون تي هڪٻئي کي ڏسي وري تازا دم ٿي وياسين پر انهن فائدن مان نقصان به ٿي رهيا آهن. پهرين ماڻهو ڏورانهن پنڌن تي، ڳوٺن ۾ ڪچي طرف رهندا هئا، جتي پيادل سفر ٿيندا هئا. وقت سان گاڏيون ايجاد ٿيون. ماڻهن گاڏين جو سفر شروع ڪيو. جي ها…! ان سفر ماڻهن جي وک ۾ وک ملائي ڇڏي. هڪ فون ڪال جي ضرورت هوندي آهي، ماڻهو پنهنجي منزل تي پهچي ويندو آهي. ان فون ذريعي سڀ کان وڏو نقصان جيڪو هتي ٿي رهيو آهي، اهو ڌاڙيلن جي گروهن جو  طاقتور ٿيڻ آهي. هڪ ڌاڙيل وٽ 200 سِمون اچي ويون آهن. پوري سنڌ ڇا، پنجاب جا ڌاڙيل هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. فون جي سِمَ ڳوٺ جي غريب مسڪين شخص جي نالي تي جاري ٿيل هوندي آهي، جيئن پوليس جو شڪ ئي نه وڃي. غريب مجبور هوندو آهي، “ڏاڍي اڳيان ڪهڙو روئڻ، ڇا جو کلڻ!” ٻڪرين چارڻ واري کي ڏسو ته ان وٽ به ٽچ موبائل اچي وئي آهي. هاڻ جيڪو ٻه ويلا سک سان ماني نٿو کائي سگهي، اُهو ڪيئن ٿو فون جا خرچا برداشت ڪري! ظاهر آهي پٺيان هٿ مضبوط آهن. ٻڪرار هجي، ريڍار هجي، مينهون چاريندڙ هجي يا ڳوٺ ۾ ٻارن جون شيون وڪڻندڙ- اڪثر ڌاڙيلن جا سهولتڪار هوندا آهن. سبب غربت آهي. هيڻو ماڻهو ڪجهه به ڪُڇندو ناهي، ڇو جو ان کي ٻچا پالڻا هوندا آهن. ريڙهي واري جي هڪ هوڪي تي ٻارن جي رَشِ لڳي ويندي آهي. سموري ڳوٺ جي احوال  سميت شهر جون خبرون به اُن وٽ هونديون آهن. اخبارون پهچائڻ جو ڪم به ان تي هوندو آهي. شهر کان ڳوٺ، ڳوٺ کان ڪَچي، وري ڪَچي مان سامان وٺڻ وارا ٻيا بيٺا هوندا آهن. ايتري قدر جو بند تي پوليس جون ڪيتريون پڪٽون لڳيون آهن، اهي اطلاع به ڌاڙيلن کي وقت کان اڳ ملي ويندا آهن. ٻيو ته ڇڏيو، ڳوٺ ۾ ڪهڙي عورت صورت ۾ موچاري آهي، ان جا دڳ پيچرا به ڌاڙيلن کي ڏسيا ويندا آهن. انهن مسڪينن کي ڇڏيون ته معلوم ٿيندو ته پوليس کاتي ۾ به سندن ڪافي دوست يار موجود هوندا آهن، جن جا گهر ساٿين سونا ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي به ڇڏيون ته سڀ نه ته به (اڪثريت جي ڳالهه نٿي ڪريان) ڪجهه صحافي جيڪي اڌ اکري آهن، ڌاڙيلن جا دوست ڇا، رازدار هوندا آهن. مفت ۾ کين خبرون ملنديون آهن. مطلب ته هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ٻنهي ڌُرين کي ملي وينديون آهن. اڳتي اچون ته ڌاڙيلن جا چپر ڇانوَ قبيلائي سردار آهن، جيڪي سنڌ ۾ پاٿاريدار جي نالي سان به مشهور آهن.

فون ذريعي ڌاڙيلن ڌاڙن جا نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن، جيئن “هني ٽريپ” آهي. مطلب ته فون ذريعي عورتاڻي آواز ٿي هرکجي پوڻ. عورت کي رب اهڙو ڏانءُ ڏنو آهي، جو هوءَ پٿر کي پاڻي ڪري وجهي. ان فون ڪال تي چريا به سياڻا ٿي پون ٿا. ڪٿي رحيم يار خان، ڪٿي ڪنڌڪوٽ جو ڪچو! اصل ويچارا ماڳ مڪان ئي وساري ويهن ٿا. ڪٿي ملتان، ڪٿي گهوٽڪي! گهر گهاٽ وساري پيار جي پيچري ۾ گهر جو الھ تلھ ئي برباد ڪن ٿا. ايتري قدر جو اَبي جي عمر جا پوڙها به هرکجي پون ٿا…! ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته تربيت يافته عورتون ڌاڙيلن رکڻ شروع ڪيون آهن، جيڪي ان ڌنڌي ۾ انهن سان گڏ هونديون آهن. انهن عورتن جو تعلق اڪثر ڪري پنجاب يا سرائڪي پٽيءَ سان هوندو آهي.

ان کان اڳتي اچون ته ڌاڙيلن کي هاڻي رڳو ٽارگيٽ گهرجي. فون ڪم جوڙي ڇڏيا آهن. ڌاڙيلن جا مخبر ڪٿي رهن ٿا، ڪا خبر نٿي پوي. ايتري قدر جو اسان جي آس پاس جا ماڻهو به ڌاڙيلن جا ڇاڙتا هوندا آهن. ڪنهن انجنيئر کي اک ۾ ڪرڻو آهي، ڪنهن ڊاڪٽر کي کڻڻو آهي يا ڪنهن پئسي واري ڌُر کي مٿو ڏيڻو آهي، مڪمل ڏس پتو ڌاڙيلن کي پهچي وڃي ٿو. ڪڏهن، ڪهڙي وقت، ڪهڙي واردات ڪرڻي آهي، اُهو به فون ذريعي طئي ٿي وڃي ٿو. وڏي ڳالهه ته ڳالهين وچ ۾ اهڙا ڪوڊ ورڊ رکيل هوندا اَٿن، جو هڪٻئي سان ڳالهائيندي مطلب جي ڳالهه ڪري وٺندا آهن، ٻيو ڪيتري به ڪوشش ڪري، سمجهي نٿو سگهي. جيڪي ڏينهن 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هئا، هاڻ نئين ايجادن سان اُهي ڏينهن ڌاڙيلن ورائي آندا آهن پر مڃڻو پوندو ته اڳ وارن ڌاڙيلن ۾ ڪجهه اک جو ماڻهپو هوندو هو.

اڄڪلهه لڳي ائين ٿو ته اسان شهرن ۾ نه ڪَچي ۾ رهون ٿا، ڇو جو ماڻهو اغوا ٿئي يا ماريو وڃي، پوليس تڏهن پهچندي آهي، جڏهن ڌاڙيل پنهنجي منزل تي روانا ٿي ويندا آهن. پوءِ لاش ۽ زخمين کي اسپتال آندو ويندو آهي. اڌ ڏينهن اسپتال جي ڪار وهنوار ۾ لڳي ويندو آهي. ان کان پوءِ فوتي کي دفنائڻ ۾ باقي ڏينهن لڳي ويندو آهي. جيڪي زخمي ٿيا، وارثن کي انهن جو سُور الڳ هوندو آهي. پوءِ ايف آءِ آر جو وقت ايندو آهي ته فريادي ڪنهن تي فرياد داخل ڪن؟ نامعلوم ماڻهن يا ڪجهه ڪَچي جي ناليوارن ڌاڙيلن تي ايف آءِ آر داخل ٿيندي آهي ۽ پوليس جا روز جا دلاسا، جيڪي کُٽندا ناهن .

جن ماڻهن کي ڌاڙيل اغوا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن (اڄڪلهه اهڙو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي) انهن جي گهر وارن سموري خاندان لاءِ قيامت اچي ويندي آهي. هر لمحي اُهو ڊپ ته “زنده هوندو الائي نه!” جي زنده هوندو ته ڪهڙي حال ۾ هوندو؟ متان گهڻو تشدد ٿيو هجي! هڏن ڀڄڻ ڏي رب پاڪ خير ڪري؟ متان سندس عزت تي وارُ ڪيو وڃي؟ مطلب ته 24 ڪلاڪ رڳو وهم وسوسا…! ۽ دل ئي دل ۾ پاڻ کي دلاسا ڏيڻ لڳندا آهن. پوليس جا پهرئين ڏينهن کان دلاسا. اصل مقام تي يا اصل هنڌ تي جتي ڌاڙيل رهن ٿا، پوليس پهچي نه سگهندي آهي، پوءِ رڳو وارثن کي دلاسا ڏنا ويندا آهن. ويجهي ڪچي طرف گاڏيون موڪلي ٻڌايو ويندو آهي ته “ريڊ” ٿي آهي، ڪجهه ڌاڙيل زخمي ٿيا آهن، تمام جلد توهان جو ماڻهو توهان کي ملي ويندو، پر ائين ٿيندو ناهي، ڇو جو ڌاڙيلن جي ٿاڪن تي وڃڻ ڪو آسان ناهي! ان ۾ ظاهر آهي پوليس جا جوان شهيد يا زخمي ٿي سگهن ٿا. ان ڪري پوليس بااثر ماڻهن کي لِڪ ۾ منٿ ميڙ ڪندي ايندي آهي، جيئن مسئلو حل ٿي وڃي .

هوڏانهن ڌاڙيلن جي فون ڪال وصول ٿيندي آهي يا چٺي ايندي آهي يا نياپو ملندو آهي ته هڪ ڪروڙ يا ان کان به مٿي رقم ڏني وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ ذميوار توهان پاڻ هوندا. توهان پاڻ ٻڌايو هن دور ۾ جتي عزتدار سفيد پوش ماڻهوءَ جو جيئڻ مشڪل آهي، ان دور ۾ ماڻهو ضرورتن هوندي سفيد ڪپڙي جو برهم رکندي گاڏي به رکي ٿو، ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ به پڙهائي ٿو، گهر جو ڪِچن به چڱي نموني هلي ٿو، اُهو ڪٿان ڪروڙ رپيا آڻيندو؟ مطلب ته سندس وارث قرض کڻندا، هڪ هڪ اڳيان هٿ ٽنڳيندا، پوءِ وڃي پئسن جو بندوبست ٿيندو. جي بندوبست نه ٿيو ته ٻي صورت ۾ وارث ٿڪي پوندا ۽ ٿڪل ماڻهن وٽ بچندا رڳو ڳوڙها آهن. ڪجهه ڪيسن ۾ اِهو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪي وارث پئسا نه ڏئي سگهندا ته پوليس اڄڪلهه ڏيتي ليتي جي حساب سان هلي ٿي پوليس ڪوشش ڪري ٿي ته ڪجهه ڏئي ڀرم قائم رکيو وڃي .

اهڙي دور ۾ اسان چئي سگهون ٿا ته پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جو جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هو هر وقت خوف ۾ رهي ٿو. سوچي ٿو ته، گهران نڪران، واپس به ورندس الائي نه؟ ڪيئي سوال سندس ذهن ۾ جنم وٺن ٿا. سنڌ جا ٽي ضلعا هن وقت ڌاڙيلن، چورن لُچن جي چَنبي ۾ آهن، ڪشمور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي، جتي امن امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس ناڪام وئي آهي. اهو به سچ آهي ته پوليس کي نه جديد هٿيار آهن، نه ڪچي طرف چڙهائي ڪرڻ لاءِ رستا آهن. ها ايترو ٿي سگهي ٿو ته زميني ۽ هوائي آپريشن ملي ڪري ڪيو وڃي ۽ ڌاڙيلن جي ڪيٽين کي مڪمل طور تباهه ڪيو وڃي، ڀلي پوءِ تَرَ جا وڏيرا ناراض ٿين ٿا ته ٿين. جيڪڏهن واقعي به سنڌ حڪومت سنڌ ۾ امن چاهي ٿي ۽ ان کي ماڻهن جون جانيون عزيز آهن ته ان کي سوچڻو پوندو ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون، نه ته سنڌ جي سڀني ضلعن جو حال ڪشمور جهڙو ٿيندو، جتي هڪ ڏينهن اڳ جو واقعو آهي ته فيضو لاڙي تان مريض سکر وڃي رهيو هو ته سندن عورتن جا ڪن ڪٽي سونا زيور لاٿا ويا ۽ جيڪا رقم انهن وٽ هئي، سان ڦُر ڪئي وئي. هي حال آهن اسان جي سنڌڙي جا، جتان اَمن جا پکي اُڏري ويا آهن.