پردي تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي اندر ۾ ڏسڻ گهرجي:ثنا

0
361

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارا ثنا خان پردي تي تنقيد ڪندڙ صارف کي ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو سندس چوڻ آهي ته پردي تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي اندر ۾ ڏسڻ گهرجي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪارا نقاب سان نڪتل تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئرڪيون، جنهن تي ڪجهه صارفين تعريف ڪئي جڏهن ته هڪ صارف لکيو ته ايتري تعليم حاصل ڪرڻ بعد پاڻ کي پردي ۾ ڍڪڻ جو فائدو؟ جنهن تي ثنا خان جواب ڏنو ته آئون پردي ۾ رهي سٺو بزنيس ڪري سگهان ٿي، سٺو مڙس ماڻي سگهان ٿي سٺا ساهرا حاصل ڪري سگهان ٿي ته پوءِ اعتراض ڇو؟. هن چيو ته پهرين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو پوءِ تنقيد ڪريو.