پاڻي کوٽ ۽ ڀاشا ڊيم

0
540

هڪ اخباري خبر موجب 12 اپريل 2021ع تي قومي اسيمبلي جي پاڻي ڪميٽي جو اجلاس قومي اسمبلي جي ميمبر محمد يوسف ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي مسئلي تي غور ڪيو ويو. ڪاميٽي ۾ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا.
1. پاڻي جي ورهاست غلط پئي ٿئي، جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪاميٽي ٽه رخي فارمولي کي رد ڪيو. 
2. واپڊا پاران سنڌ بئراج وارو منصوبو سنڌ جي مفاد ۾ نه آهي، انهيءَ تي واپڊا کي سنڌ حڪومت جون ڳالهيون مڃڻ کپن. 
ڪاميٽي طرفان ايندڙ گڏجاڻي ۾ اٽارني جنرل کي به گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اٽارني جنرل جنهن کي ڪجهه وقت اڳ ۾ مرڪزي سرڪار طرفان پاڻي ورهاست بابت رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو، انهيءَ طرفان ڏنل رپورٽ ۾ پاڻي ورهاست صرف ۽ صرف 1991ع واري پاڻي ٺاهه مطابق ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. پنجاب حڪومت اٽارني جنرل جي رپورٽ تي عمل ڪرڻ کان نابري واري پاڻي ورهاست ٽه رخي فارمولي تحت ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ اهو به چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي ڪو اعتراض آهي ته اهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهو مسئلو کڻي وڃي. اچو ته ڏسون 3 رخي فارمولا ڇا آهي ۽ پنجاب ڇو ان تي زور ڀري رهيو آهي. 
ٽي رخي فارمولا هيٺين ٽن مرحلن تي مشتمل آهي. 
پهرين مرحلو جيڪڏهن پاڻي تربيلا ڊيم ٺهڻ کان 5 سال پوءِ واري کنيل پاڻي کان گهٽ هجي ته ورهاست ٺاهه جي شق 14 (b) تحت ڪئي ويندي. 
ٻيو مرحلو جيڪڏهن پاڻي تربيلا ڊيم ٺهڻ کان 5 سالن جي سراسري کنيل پاڻي کان وڌيڪ هجي ۽ ٺاهه جي ڏنل شق 2 کان گهٽ هجي ته ورهاست ٻن نمونن سان ڪئي ويندي. 5 سالن ۾ سراسري کنيل پاڻي جي ورهاست ٺاهه جي شق 14 (b) تحت ڪئي ويندي، انهيءَ کان مٿي پاڻي جي دستيابي جي صورت ۾ ورهاست ٺاهه جي شق 2 تحت ٿيندي. 
ٽيون مرحلو جيڪڏهن پاڻي جي دستيابي ٺاهه ۾ ڏنل انگن اکرن کان وڌيڪ هجي ته ورهاست ٺاهه ۾ ڏنل انگن تائين شق 2 مطابق ٿيندي ۽ ان کان وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ ٺاهه جي شق 4 تحت ٿيندي.  
1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ اهڙي ڪنهن به ٽه رخي فارمولي جو ذڪر نه آهي. حقيقت ۾ ٽه رخي فارمولي مطابق تربيلا ڊيم ٺهڻ کان 5 سال پوءِ کنيل پاڻي مطابق پنجاب جو  پاڻي جو حصو خريف ۾ 53سيڪڙو ۽ ربيع ۾ 56سيڪڙو ٿئي ٿو، جڏهن ته 1991ع واري ٺاهه مطابق اهو حصو 48سيڪڙو ۽ 51 سيڪڙو ترتيب وار ٿئي ٿو. اها پنجاب جي ڏاڍ مڙسي آهي جو هوءَ 1991ع واري ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سنڌ سرڪار طرفان اهو مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ موڪليو ويو آهي، پر اتان ڪنهن به تڪڙي فيصلي جي توقع نه آهي. ڇاڪاڻ جو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا اجلاس اڪثر ڪري ملتوي ٿيندا رهندا آهن چوندا آهن ته سائو کنهي پيٽ، بکيئي وڃي ساهه، ساڳيو حال گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آهي. 
هڪ طرف پنجاب 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته ٻئي طرف وري سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ٺاهڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي. 1991ع واري ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ، اهي ٻه اهڙا حربا آهن جنهن سان پنجاب اهو سمجهي ٿي ته سنڌ مجبور ٿي سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ٺاهڻ تي راضي ٿي ويندي. سنڌ کي پاڻي جو حصو چشما بئراج تان ڏنو ويندو آهي گذريل سالن جي پاڻي جي وهڪرن تي نظر وجهڻ سان اها ڳالهه عالم آشڪار ٿي وڃي ٿي ته چشما بئراج کان مٿان پاڻي جو زيان گهٽ هوندو آهي، جڏهن ته چشما کان گڊوبئراج تائين پاڻي جو زيان وڌيڪ هوندو آهي. اها هٿرادو کوٽ آهي. انهي کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته واهن تي ٽيليميٽري سسٽم لڳايو وڃي.
دنيا ۾ سال ۾ چار موسمون هونديون آهن، پر اسان وٽ سال ۾ پنج موسمون آهن. اها پنجين موسم آهي ڊيم جي. اڳي گرامون فون رڪارڊ هوندا هئا، انهن تي جيڪڏهن سئي ڪنهن سبب جي ڪري هڪ هنڌ ڦاسي پوندي هئي ته پوءِ صرف اهو هڪ آواز بار بار ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ايئن اسان وٽ اڳي ڪالاباغ ڊيم تي سئي ڦاٿل هوندي هئي ۽ هاڻي وري ڀاشا ڊيم تي ڦاٿل آهي. ڀاشا ڊيم متعلق منهنجو مضمون “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپيو هو. جنهن ۾ مون انگن اکرن سان ثابت ڪيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ ايترو واڌو پاڻي نه آهي جو ڪو نئون ڊيم ٺهي ۽ مون اهو به لکيو هو ته ڀاشا ڊيم سنڌ جي لاءِ بليڪ وارنٽ هوندو. ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ هڪ ئي دليل ڏنو پيو وڃي ته تربيلا ڊيم جي لٽجڻ ڪري پاڻي جي کوٽ ٿيڻ ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽجي رهيو آهي ۽ آڳاٽي خريف ۽ ربيع ۾ سنڌ کي پاڻي گهٽ ملڻ ڪري سنڌ جي زرعي پيداوار گهٽجي ويندي. سنڌ ۾ آڳاٽي خريف ۾ پوکيو ويندڙ مکي فصل ڪپهه (Cotton) آهي، جيڪو گهڻو ڪري روهڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال ذريعي خيرپور، نوابشاهه، سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ پوکيو وڃي ٿو. ڪپهه جي فصل کي سنڌ ۾ اها اهميت حاصل آهي، جيڪا سڻي (Jute) کي بنگلاديش ۾ حاصل آهي. آڳاٽي خريف ۾ پاڻي نه ملڻ ڪري اهو فصل متاثر ٿيندو. ڪپهه جي فصل متاثر ٿيڻ ڪري سنڌ سرڪار کي ٿيندڙ اپت گهٽجي ويندي، جنهن جو اثر نه صرف مذڪوره ضلعن تي ٿيندو پر سڄي سنڌ متاثر ٿيندي. اها حقيقت آهي ته پنجاب ۾ فصل جي موسم، سنڌ جي پوکائي جي مند کان هڪ مهينو پوئتي آهي. انهيءِ ڪري پاڻي کوٽ جو اثر سڄو سنڌ تي پوندو. زرعي پيداوار گهٽجڻ جو مطلب سنڌ ۾ غربت ۾ واڌارو. جڏهن تربيلا ڊيم ٺاهيو ويو هو ته ان وقت جي ملڪي صدر ايوب خان اهو چيو هو ته اسان تربيلا صرف سنڌ لاءِ پيا ٺاهيون، پر جڏهن تربيلا ڊيم ٺهيو ته ان جي پاڻي جو وڏو حصو پنجاب کڻي وڃي ٿو. تريموپنجند لنڪ ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال جيڪي صرف ٻوڏ واري پاڻي لاءِ ٺاهيا ويا هئا، اهي هر وقت سنڌو درياهه جو پاڻي کڻي پنجاب جي زمينن کي آباد ڪري رهيا آهن. چشمه جهلم لنڪ ڪئنال 1972ع ۾ ٿيل ٺاهه جي خلاف ورزي ڪندي وهايو پيو وڃي. 1991ع واري ٺاهه ۾ شامل 10 روزه بنيادن تي صوبن جي واهن جي پاڻي جي ورهاست ۾ اهي ٻئي لنڪ ڪئنال پنجاب جي واهن ۾ شامل نه آهن. انهي مان صاف ظاهر آهي ته اهي غير قانوني طور تي وهايا پيا وڃن. 
پنجاب منگلاڊيم ۾ لٽ ڀرجڻ  ڪري ٿيندڙ کوٽ جي پورائي ڊيم جي اوچائي وڌائڻ سان ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي پنجاب سنڌ کي منگلا ڊيم مان پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. حالانڪه 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي ۽ 1991ع واري پاڻي ٺاهه مطابق اهي پاڻي جا ذخيرا، قومي پاڻي ذخيرن جو حصو آهن. انهن تي سڀني صوبن جو هڪ جيترو حق آهي. ٻئي پاسي تربيلا ڊيم ۾ لٽ ڀرجڻ جو ڪو حل ڳولڻ لاءِ تيار نه آهي. تربيلا ۾ ايندڙ کوٽ سنڌ جي حصي ڏانهن منتقل ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته باقي ٽئي صوبا کوٽ کان آجا ٿي ويا آهن. ڇا کوٽ صرف سنڌ جو مقدر آهي. 
سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته “ماڻهو کي ٻچا وات ۾ ايندا ته ضرور ڇتو ٿيندو.” سنڌي قوم کي ڇتو نه ڪيو وڃي. هڪ ملڪ ۾ صلح ۽ سانت ۽ ڀائيچاري واري فضا ۾ رهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ جي پاڻي جو مسئلو 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت حل ڪيو وڃي، جنهن جي شق نمبر 14 ۾ اهو واضح چيل آهي ته کوٽ ۽ واڌ سڄي پاڪستان جي بنيادن تي ورهائي ويندي. انهيءَ ڪري تربيلا ۾ لٽ ڀرجڻ ڪري پيدا ٿيندڙ کوٽ پاڪستان جي بنيادن تي 1991ع واري ٺاهه مطابق ورهائي وڃي. سنڌ کي مستقبل ۾ ايندڙ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ڪا سائنسي بنيادن تي منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي.