ڪورونا جا ڪلور

0
306

ڪورونا سڄي پاڪستان کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي. رڳو پاڪستان ڇا دنيا جا سڀ ملڪ ان مان متاثر ٿيا آهن. پاڪستان ۾ اڄ تائين 13 هزار ماڻهو انهي ڪري فوت ٿي ويا آهن. آمريڪا ۾ 3 لک ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف آمريڪا وارن انهي سلسلي ۾ ٿيندڙ موسمي ڦير گهير کي منهن ڏيڻ لاءِ 40 ملڪن کي دعوت نامه موڪليا. انهي سلسلي ۾ آمريڪا وارن اهو به چيو ته “پيرس ٺاهه” مان نڪرڻ آمريڪا جي غلطي هئي جيڪا آمريڪا کي نه ڪرڻ کپندي هئي. اها ان وقت جي صدر ٽرمپ جي غلطي هئي جيڪا نه ڪرڻ کپندي هئي. اها هر ملڪ جي معاشي ترقي سان ڳنڍيل آهي سڄي دنيا جي ضرورت اها آهي ته سال 2050ع تائين انهي کي گهٽائڻ تي عمل ڪرڻ کپي. انهي نموني دنيا ۾ سال 2030ع تائين 50 سيڪڙو گهٽائي ڪرڻي پوندي ته ڪاربان جو اخراج گهٽائجي.
هن وقت جي صدر جون بائيڊن انهي سلسلي ۾ هيٺين حڪمت عملي جا چارنڪتا ٻڌايا آهن.
1.آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ٿئي پئي ته جيئن انجي ٺاهيل شين ۾ واڌ ٿئي.
2. آمريڪا ۾ وڌ ۾ وڌ نوڪريون پيدا ڪرڻ کپن ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي ڇو جو آمريڪا ۾ 20سيڪڙو ماڻهو بيروزگار ٿيندا انهي ڪورونا وائرس جي اثرن ڪري.
3.ڪوئلي جو استعمال اهڙي طرح گهٽ ڪرڻ کپي ته جيئن ٻين ذريعن کان توانائي بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
4. ٻين ملڪن کان جيئن چين،يورپي ملڪن ۽ ٻين ملڪن کان انهي بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي،انهي سلسلي ۾ چين ، هندستان، سعودي عرب ۽ ٻيا عرب ملڪ انهي لاءِ سڏياويا. بنگلاديش کي سڏيو ويو، بنگلاديش هينئر 48 قومون جي اڳواڻي ڪري ٿو. جنهن کي موسمي ڦير گهير جي خطري جو فورم چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ بنگلاديش ۽ پاڪستان ۾ ڪاربان جو اخراج گهٽ آهي پر چين ۽ هندستان وڌ ۾ وڌ ڪاربان گيس خارج ڪن ٿا. چين ۽ هندستان کي کپي ته ڪاربان جو اخراج اهڙي نموني گهٽائين ته جيئن ان تي عمل ڪري سگهجي. ٻئي پاسي آمريڪا دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ آهي جيڪو ڪاربان جو اخراج ڪري ٿو. جنهن لاءِ هنن کي به کپي ته هوريان هوريان انهي اخراج کي گهٽ ڪن ۽ ملڪي ماڻهن کي به سيڙپڪاري ٻين ذريعن کان حاصل ٿيندڙ توانائي ذريعي حاصل ڪرڻ کپي. هندستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هر سال 2030ع تائين 170 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿئي ٿي. هن سال پاڪستان کي جون ۾ٿيندڙ “عالمي ماحولياتي ڊي” جنهن ۾ پاڪستان کي ٽي هيٺيان قدم کڻڻا پوندا.
1.خواهشن جو خال ڀرڻ: انهي ۾ پاڪستان کي پيرس معاهدي ۾ فيصلو ٿيل انهيءَ ڳالهه کي مڃڻو پوندو ته دنيا جي عالمي گولي جو گرمي پد 1.5 ڊگري کان نه وڌڻ کپي.
2.اعتبار جو خال ڀرڻ: ٻيا ملڪ پاڪستان جي ڳالهين تي اعتبار نٿا ڪن اهو خال ڀرڻ ضروري آهي.
3.مطلب واضح ڪرڻ جو خال ڀرڻ: پاڪستان کي کپي ته هوريان هوريان ڪاربان جو اخراج گهٽائي ته جيئن ٻيا ماڻهو اعتراض نه ڪن.
موسمي تبديلي جيڪا سڀ ڪجهه آهي.
اسان نٿا سمجهون ته موسمي تبديلي سڀ ڪجهه ڪيو آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني ملڪن کي جاکوڙ ڪرڻي پوندي، هي رڳو هڪ ملڪ جو مسئلو ناهي بلڪ سڄي دنيا جو مسئلو آهي انهي ۾ سڀ ڳالهيون اچي وڃن ٿيون.
1.يعني اسان ڪيئن منصوبندي ڪيون ٿا.
2.ڪيئن عمارتون ٺاهيون ٿا
3.ڪيئن شيون وڪڻون ٿا
4.ڪيئن تعليم ڏيون ٿا.
5.ڪيئن قانون ٺاهيون ٿا.
6. ڪيئن چرون پرون ٿا.
7. ڪيئن شيون پيدا ڪيون ٿا.
8. ڪيئن مڃيل ڳالهين ته عمل ڪيون ٿا يعني ڪيئن موسمي ڦير گهير کي مخاطب ٿيون ٿا.
موسمي ڦير گهير کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو.
آمريڪي گڏيل ملڪن واري ڪائونسل ۽ آمريڪا موسمي ڦير واري اداري هڪ رپورٽ ٺاهي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪيئن موسمي ڦير گهير کي منهن ڏجي، هنن انهي لاءِ ٻه لفظ استعمال ڪيا هڪڙو Adaptation ۽ ٻيو Mitigation، Adaptation جو مطلب آهي ڪيئن ماڻهو پاڻ کي هيرائن ته جيئن وڌيڪ گرمي پد کي برداشت ڪري سگهن.۽ Mitigation جو مطلب آهي ته ڪيئن پاڻ بچائين. Adaptation يعني آهي ڪيئن ماڻهو انهي ڳالهه تي هرن ته وڌيل گرمي پد 2 ڊگري کان مٿي نه ٿئي. معنيٰ ماڻهن کي انهي وڌيل گرمي پد تي هيرائڻ جنهن جو مطلب آهي ته اسان ۾ ايتري برداشت هجڻ کپي ته جيئن اسان انهي وڌيل گرمي پد تي هرون ۽ تنگ نه ٿيون، اها برداشت هر ماڻهو ۾ پيدا ٿيڻ کپي، يعني مرد عورت ۽ ٻارن ۾. Mitigation جو مطلب آهي ڪيئن گرمي پد 2 ڊگري کان مٿي نه ٿئي، انهي لاءِ هي طريقا استعمال ٿي سگهن ٿا. پهريون ٻيا اهڙا متبادل ذريعا استعمال ڪيون ته گرمي پد 2 ڊگري کان نه وڌي جنهن ۾ سج، هوا، پاڻي جو وڌيل گرمي پد به اهڙي نموني ۾ استعمال ڪجي ته گرمي پد 2 ڊگرين کان مٿي نه وڌي.
پيرس معاهدو
مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته پيرس ۾ 12 ڊسمبر 2015ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن ۾ گرين هائوس گيسون گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي انهي ۾ هيٺيون مشقون آهن.
1.دنيا جي گولي جي گرمي پد صنعتي ٿيڻ واري سطح کان 2 ڊگري سينٽي گريڊ نه وڌڻ کپي.
2.ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گهٽ ۾ گهٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿئي.
3.ملڪن طرفان گيسون گهٽائڻ واري پروگرام کي مڃيو ويو. پر انهي کي هر پنجين سالن کان پوءِ ورجايو وڃي ۽ پهريون ورجائڻ سال 2023ع ۾ ٿيندو.
4.گيسون گهٽائڻ لاءِ امير ملڪ غريب ملڪ جي مدد ڪندا رهندا نه رڳو غريب ملڪ گيسون گهٽائيندا رهن پر انهي کي وڌيل گرمي پد تي پاڻ کي هيرائي به سگهن.
5. جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي پروگرام تي عمل نه ڪري سگهندو ته انهي ملڪ تي ڪو ڏنڊ نه وڌو ويندو
6.موسمي ڦير جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ملڪن کي ڪو معاوضو نه ڏنو ويندو
7.ملڪ ڪاربان جو وڪرو ڪري سگهندا.