پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

0
310
پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

 گذريل ڪجهه ڏينهن کان اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا ذريعي عوام کي آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟، جيڪڏهن ايئن کڻي چئجي ته عام ماڻهو جي ذهن ۾ اِها ڳالهه ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي ته پوءِ ايترو وڏو ري ايڪشن(رد عمل) ڏيکارڻ جي ضرورت نه آهي

                 عام ماڻهو ڇا ٿو سوچي؟، پاڪستان جي موجوده صورتحال تي عام ماڻهو ٻڏتر جو شڪار آهي، ڪاروباري طبقو به عجب اڻتڻ ۾ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟، پهريان ته اِها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪا ڪمپني ڊيفالٽ يا بينڪ ڪرپٽ ٿي ويندي آهي ته اُن جو ڪيس عدالت ۾ ويندو آهي ۽ عدالت اُن جا (اسيٽ) ملڪيت نيلام ڪري قرض ڏيندڙ ڌرين کي پئسا اوڳاڙي ڏيندي آهي پر جڏهن ڪو ملڪ بينڪ ڪرپٽ يا ڊيفالٽ ڪندو آهي ته صورتحال مختلف هوندي آهي.

فرض ڪريو ته جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته پوءِ عام ماڻهو کي ڪهڙو نقصان ٿيندو؟، پهرين ڳالهه ته جيڪڏهن ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويو ته اُن جو عام ماڻهو تي سڌو سنئون اثر پوندو، پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ سان پاڪستاني روپئي جو ملهه ڪري پوندو ۽ پرڏيهه مان گهرايل (امپورٽ) ٿيل شين جا اگهه آسمان ڇُهي رهيا هوندا، جڏهن پاڪستاني رپئي جو ملهه ئي نه رهندو ته پوءِ عام ماڻهو جنهن وٽ وڏي مشڪل سان ڪجهه لک رپيا سيو ٿيل هوندا، اُهو ڪجهه ڏينهن اندر ئي اها رقم خرچ ڪري وٺندو ۽ اُن جي انڪم نه هئڻ برابر رهندي سو جيڪو ڪمائيندو ۽ روزانو خرچ ڪندو، پوءِ سيونگ وارا آپشن ئي نه رهندا.

پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ٿو ته غربت ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيندو، اسان وٽ اڳ ئي روزگار جا موقعا تمام گهٽ آهن، پوءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي روزگار جا ذريعا محدود ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته سرڪار وٽ پئسا ئي نه هوندا ۽ خانگي ڪمپنيز اڳ ئي رپئي جو ملهه ڪرڻ سبب تباهي جو شڪار ٿي چڪيون هونديون سي ڪيئن بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏينديون؟، حڪومتي سطح تي ماڻهن جي ذهنن ۾ اِها ڳالهه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن ملڪ بينڪ رپٽ يا ڊيفالٽ ڪري ٿو ته پوءِ گهڻو گوڙ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.

پاڪستان جا مٽا سٽا جا ذخيرا نه هئڻ برابر رهجي ويا آهن، سوليءَ طريقي سان سمجهائجي ته اوهان جي ڪمپني وٽ رڳو 2 هفتن جو تيل ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ جي سگهه آهي، پر جيڪڏهن اها سگهه ئي ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

ايئن کڻي سمجهو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته پاڪستان جو هر ماڻهو غريب ٿي ويندو، سواءِ اُنهن ماڻهن جَي جن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ آهي، جن جو ناڻو ڊالرز ۾ پرڏيهه ۾ پيل آهي، جن جا ٻچا پرڏيهه ۾ رهن ٿا، سي ٽپڙ کڻي هتان روانا ٿي ويندا، پوءِ عوام ڄاڻي ۽ قرض ڏيندڙ اُهي پرڏيهي ادارا، سائينجن منظر عام تان غائب ٿي ويندا.

پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جي صورت ۾ عام ماڻهو ۾ خريد جي سگهه گهٽجي ويندي، اسان وٽ اڳ ئي خريد جي سگهه تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو آهي، پوءِ 40 کان 50 سيڪڙو رهجي ويندي، يعني جيڪڏهن ڪو وچولي طبقي جو ماڻهو هفتي ۾ هڪ ڀيرو گوشت، مڇي استعمال ڪري ٿو ته پوءِ اُن کي مهينن جا مهينا جستجو ڪري پئسا گڏ ڪرڻا پوندا ۽ پوءِ هو پنهنجي ٻچن کي گوشت مڇي کارائي سگهندو، اصل بار ته اُنهن ماڻهن تي پوندو جيڪي ڏهاڙيدار آهن، يعني جيڪڏهن ڪو شخص 500 روپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو ۽ رڳو هڪ ڏينهن جي کائڻ پيئڻ جون شيون 2000 رپين ۾ ملنديون ته پوءِ اُن وٽ بُک تي رهڻ ئي آخري آپشن هوندو.

پاڪستان کي سعودي عرب، چين، ترڪي ۽ ٻيا دوست ملڪ سکڻا دلاسا ڏئي رهيا آهن پر قرض ڪير به نه پيو ڏي، عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف به پاڪستان تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، بندرگاهن تي سامان پيل آهي پر پاڪستان وٽ ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن،

پاڪستان جي ايڪسپورٽ تمام گهٽجي وئي آهي، ڊالر مهانگو ٿيڻ جي ڪري روزانو اربين رپين جا قرض وڌن پيا، پر ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي، حيرت آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا صاحب اقتدار ماڻهو لچڪ ڏيکارڻ بدران پنهنجي هوڏ تي قائم آهن.

سوليءَ سنڌي ۾ پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته ڪاروباري طبقو سخت متاثر ٿيندو، کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگيون ٿي وينديون ۽ پاڪستاني رپئي جو ملهه نه هئڻ برابر رهجي ويندو، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو ڪاروبار ريئل اسٽيٽ جو آهي،

اُهو سخت متاثر ٿيندو، جڏهن ماڻهو رڳو ان فڪر ۾ هوندو ته رات جي ويلي لاءِ کاڌ خوراڪ جو ڪيئن بندوبست ڪيان، اهڙي صورتحال ۾ ڪير ملڪيتون، گهر ۽ فليٽس خريد ڪندو، يقينن اُنهن جا اگهه آسمان تان سڌو زمين تي ڪري پوندا ۽ ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار نه هئڻ برابر رهجي ويندو.

اسان جي تيار ٿيل شين جي عالمي مارڪيٽ ۾ ويليو نه رهندي، جيڪڏهن اسان ڪا شئي 500 ۾ رپين ۾ تيار ڪريون ٿا ۽ اهو ڪير خريد ڪرڻ وارو ئي نه هجي ته پوءِ يقينن تباهي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچندو،

پاڪستان ۾ اڳ ئي روزگار جا وسيلا نه هئڻ برابر آهن، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو پنهنجي آنا ۽ ضد خاطر هوڏ تي قائم آهي ۽ نقصان ملڪ جو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اوهان صاحب اقتدار ڌرين کان پُڇا ڪندو ته هيءَ اهڙي حالت ڇو آهي ته هو جواب ڏيندا، گذريل حڪومت اڇو منهن ڪيو آهي. سچ ته اهو آهي ته گذريل 75 سالن کان ڪجهه خاندان ئي پاڪستان تي حڪومت پيا ڪن، پر چهرا مٽبا رهيا آهن پر ماڻهو ساڳين خاندانن جا آهن، چوڻ جو مقصد ته ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي.

جيڪڏهن پاڻ بچائڻو آهي ته پنهنجو بندوبست پاڻ ڪريو، نه ته هتي سڀ ڪجهه هٿان مان نڪري ويندو، طاقتور ڌريون رڳو ان جوڙجڪ ۾ لڳيون پيون آهن ته ڪهڙي ڌر کي صاحب اقتدار بڻائجي، ڪهڙي مئل گهوڙي ۾ ٻيهر ساهه وجهجي، يعني عوام کي ٻيهر ڪيئن بيوقوف بڻائجي، سچ کان ڪيئن فرار ٿي وڃجي!