سي-جي فلڊ ڪينال کي مستقل بڻائڻ جي سرگرمي

0
133
سي-جي فلڊ ڪينال کي مستقل بڻائڻ جي سرگرمي

 29 ڊسمبر تي پنهنجي اخبار ۾ هڪ خبر لڳي ته پنجاب C-J فلڊ ڪينال کي مستقل بڻائڻ لاءِ پنهنجي سرگرمي ڏيکاري. هو انهيءَ نموني ۾ هن ڪينال کي پڪو ڪرڻ چاهين ٿا ته انهيءَ جي پڇڙي تي بجلي گهر اڏڻ ته اهو ڪينال سڄو سال هلي سگهي. هي نئين ڪوشش آهي ته بجلي اڏڻ ڪري اهو ڪينال سڄو سال هلي سگهندو. انهيءَ کان اڳ ۾ به هن ڪينال کي سڄو سال هلائڻ لاءِ ان جي پڇڙي تي بجلي گهر اڏڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. اچو ته ان جو ڪجهه حال احوال ڪيون.

پنجاب پاران C-J  ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ واري ڳالهه:

                 سال 2020ع ۾ پنجاب وارن هڪ پرائيويٽ ڪمپني کي انهيءَ لاءِ تيار ڪيو ته هو انهي بابت ارسا ۽ انهيءَ اداري کي جنهن جو بجلي ڏيڻ جو ڪم آهي درخواست ڪن ته اهي هنن کي بجلي ڏين. انهيءَ اداري جو نالو نيپرا آهي. هن اداري ته رڳو انهن جي ڳالهه نه مڃي پر انهيءَ ڪمپني جو لائسنس ئي رد ڪري ڇڏيو. ارسا وارن چئن جي ڀيٽ ۾ هڪ ووٽ سان اهو منصوبو منظور ڪري ڇڏيو. سنڌ وارن انهيءَ معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کنيو. انهيءَ لاءِ هنن پنهنجو اعتراض گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي موڪلي ڇڏيو. انهيءَ پيپر جون خاص ڳالهيون هيٺ ڏجن ٿيون.

*چشما جهلم رڳو جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ هلي ٿو. پاور هائوس هلائڻ لاءِ اٽڪل 10 هزار ڊسچارج کپي جيڪا رڳو 30 ڏينهن لاءِ دستياب آهي. سڄو سال پاور هائوس ڪيئن هلي سگهندو؟

* ارسا وارن NOC غلط ڏنو آهي. هنن کي اهو ڏيڻ جو اختيار ئي ناهي جو چشما جهلم لنڪ لاءِ ڪو پاڻي ئي رکيل ناهي.

*ارسا ايڪٽ جي شق (1)8 ارسا جي پاور ۽ جوابداريون رڳو پاڻي جي ورهاست لاءِ آهن. ان کي NOC ڏيڻ جو اختيار ئي ناهي.

*ارسا ايڪٽ موجب ان کي اختيار آهي ته اڪثريتي بنياد تي فيصلو ڪن پر اڪثريت NOC تي لاڳو نٿو ٿي سگهي.

* سنڌ اسيمبلي ارسا جي NOC ڏيڻ خلاف ٺاهه پاس ڪيو آهي.

* سنڌ حڪومت مٿين ڳالهين ڪري ارسا جو NOC رد ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

وري گڏيل مفادن واري ڪائونسل سنڌ جي موڪليل سمري تي ويچاريو ۽ فيصلو ڪيو ته اها ڳالهه ٻي گڏجاڻي تائين ملتوي ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ پاور ڊويزن انهي مامري کي ڏسي ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ پنهنجي رپورٽ ڏئي. 6 آگسٽ 2020ع واري گڏجاڻي ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل اهو مامرو وري رکيو پر اخباري خبرن ۾ اها ڳالهه ٻڌي آهي ته انهيءَ بابت ڪا خبر نه آئي. خبر ناهي ته اهو مامرو زير بحث آيو يا وري ٻي گڏجاڻي لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

ان جي وقت وزيراعظم عمران خان ۽ موجوده وزيراعظم شهباز شريف انهي بابت ڪو فيصلو نه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف انهيءَ مامري تي جيڪو فيصلو ڪندو سو پنجاب جي فيور ۾ هوندو، جو هنن جو ووٽ بينڪ پنجاب ۾ آهي. تنهن ڪري اڳي به فيصلو نه ٿيو آهي ۽ هينئر به سنڌ جي فيور ۾ فيصلو نه ٿيندو پوءِ ڇا ڪجي؟ اهو ڪجي ته الله مان آسرو نه لاهجي.

آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهارو گهڻو.

-شاهه عبداللطيف ڀٽائي