عورت جي آواز کي آن ايئر نه ٿيڻ گهرجي!

0
238
عورت جي آواز کي آن ايئر نه ٿيڻ گهرجي!

 آگسٽ 2021ع کان افغانستان ۾ طالبان سرڪار کي ڏيڍ سال ٿيڻ تي آهي. ان سڄي عرصي ۾ حالتون ڪافي حد تائين بدلجي ويون آهن. تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ جيڪو طبقي سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو آهي؛ اهو عورتن جو آهي. هڪ اهڙو وقت هو جو عورتون زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ مردن سان گڏ ڪم ڪري رهيون هيون، پر هاڻي صورتحال يڪسر مٽجي وئي آهي. ڪجهه ملڪ مان راهه فرار اختيار ڪري چڪيون آهن ته ڪجهه سانباها ڪن پيون ته اڪثريت هاڻي گهرن تائين محدود ٿي وئي آهي. زندگيءَ جا ٻيا شعبا ته پري پر، هنن کي پڙهڻ کان به منع ڪئي پئي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ سڄي دنيا ۾ جڏهن اها خبر منظر ِ عام تي آئي ته طالبان سرڪار جا ڪارنده ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ زبردستي ڪاهي پيا ۽ انهن شاگردياڻين کي منع ڪيو ته “سڀاڻي ڪير به اسڪول نه اچي!” ان کان اڳ حڪومت حاصل ڪرڻ جي شروع ۾ ئي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن اڳيان رنڊڪون کڙيون ڪيون ويون هيون. سي.اين.اين جي هڪ رپورٽ ۾ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ طالبان جو مرڪز سمجهيو ويندڙ شهر قنڌار ۾ فوزيه (فرضي نالو) نالي هڪ ڇوڪري، جنهن ريڊيو قنڌار تان مختلف اشتهارن ۾ وائيس اوور ڏيڻ جي اڃا مسين شروعات ڪئي هئي ته طالبان جي حڪومت اچڻ بعد هاڻي هوءَ گهرمان ٻاهر نه ٿي نڪري ڇاڪاڻ ته اقتدار ۾ اچڻ شرط طالبان جو حڪم نهايت واضح هو ته ڪنهن به صورت زناني آواز کي آن ايئر نه ٿيڻ گهرجي! اها ٻي ڳالهه ته طالبانن، سرڪار ۾ اچڻ کانپوءِ اڻ سڌي طرح واعدو ڪيو هو ته هنن جي حڪومت ماضيءَ جي مقابلي ۾ گهڻي قدر اعتدال ۾ هوندي! پر اهو ’واعدو‘ صرف واعدي جي حد تائين رهيو. نتيجي ۾ عام افغانين کي ڪڏهن به طالبان جي ڳالهه تي ويساهه ناهي رهيو!

عورتن جو پردي ۾ رهڻ ۽ ڪم نه ڪرڻ جي اڻ اعلانيل پابندين جي منظرنامي ۾ جيڪڏهن طالبان جي اڳين سرڪار سان موجوده سرڪار کي ڀيٽ ڪرائجي ته فقط ٿورو فرق نظر اچي ٿو. جيئن: طالبان جي اڳين سرڪار ۾ عورتن کي بنا برقعي جي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي، هن ڀيري عورتون حجاب پائي نڪري سگهن ٿيون، پر انهن کي شهرن جي چؤنڪن ۽ روڊن تي لڳايل طالبان جي چيڪ پوسٽن تي نفرت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو! جيڪو ڪجهه صورتن ۾ عورتن لاءِ برداشت جي قابل نه ٿو رهي!

انهيءَ سڄي منظر ۾ هڪ ٻئي عالمي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سيڪنڊري اسڪولن اندر داخل ڇوڪرين کي وڌيڪ پڙهڻ کان روڪيو ويو آهي. نه صرف ايترو پر مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن مان اڪثريت ڪم تي واپس ناهن آيون. اي.ايف.پي. جي ڪجهه صحافين جڏهن گذريل مهيني قنڌار ۾ مختلف دفترن جون دؤرو ڪيو ته اتي هنن کي آفيسن ۾ عورتون نظر نه آيون. مارڪيٽن اندر گهٽين ۾ به جيڪي عورتون ڏٺيون، اهي مٿي کان پيرن تان پردي ۾ هيون. آرٽ جي دنيا جو هي حال آهي ته طالبان جي آفيشل فيس بڪ اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ ڪئي وئي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته طالبان موسيقي ۽ عورتن جو آواز آن ايئر نه ٿيڻ ڏيندا.اهڙن اعلانن کانپوءِ جتي موسيقي يا آرٽ سان تعلق رکندڙ عورتون متاثر ٿيون آهن، اتي اهي عورتون جن جا خاندان ڪمائيءَ جي سلسلي ۾ انهن تي ڀاڙيندا هئا؛ پڻ تڪليفن کي منهن ڏين پيا!

قنڌار ريڊيو اسٽيشن تي خبرون پڙهندڙ هڪ ٻي ڇوڪري، جنهن اي.ايف.پي. کي پنهنجو نالو نه ڇاپڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هوءَ ريڊيو اسٽيشن تي ڪم ڪري نه فقط پنهنجي پڙهائي جاري رکيو پئي اچي، پر پنهنجي چئن ننڍن ڀينرن ڀائرن جي ڪفيل پڻ هئي. ڪم نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ هنن جي گهر ۾ فاقي جهڙي صورتحال آهي. “اڪثر شام جو منهنجا ننڍا ڀائر ڀينر کاڌي جي ٽيبل تي گڏ ٿين ٿا، پر اتي هاڻي ڪجهه به ناهي هوندو.

مجبوريءَ ۾ اسان کي پاڙي وارن کي مانيءَ لاءِ منٿ ڪرڻي پوي ٿي، خبر ناهي اها صورتحال ڪيسيتائين هلندي…!؟” پنهنجي ڏک جي ڳالهه ڪندي ڇوڪري روئي ڏنو. شايد هن وٽ ٻيون به ڪافي درد ڀريون ڳالهيون هونديون، جيڪي نه ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته طالبان جي سرڪار خلاف ڳالهائڻ به رسڪ کان گهٽ ناهي. عورتن بابت طالبان جون ڳالهيون ۽ عملي قدمن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. سرڪار ۾ اچڻ کانپوءِ انهن مسلسل چيو هو ته هو عورتن جي عزت ڪن ٿا ۽ هو اسلامي قانونن تحت عورتون کي حق ڏيندا. طالبان اهو پڻ چيو هو ته عورتون ڪجهه معمولي پابندين ۾ رهي پنهنجو پراڻو ڪم جاري رکي سگهنديون، پر اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگهيو آهي.

بي.بي.سي کي ڏنل هڪ انٽريو ۾ طالبان عملدار ملا نور احمد سعيد چيو هو ته “اسان ته عورتن مٿان ڪنهن به قسم جي پابندي ناهي مڙهي. جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي ڪم تي واپس نه ٿي اچي ته اهو ان عورت جو مسئلو آهي!” ملا نور محمد جي بيان کانپوءِ اهو پڻ اندزو لڳائي سگهجي ٿو ته طالبان بين الاقوامي طور سياست مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. قطر ۾ قائم دفتر ۾ رهي هنن کي اندازو ٿي ويو آهي ته ڪهڙي ريت دنيا سان ڳالهائجي. رهيو معاملو عملي ڪم جو ته هو اهو پڻ چڱي طرح ڪري رهيا آهن.مختلف خابرو ادارن جي رپورٽن آڌار اهي ڳالهيون پڻ منظرعام تي آيون آهن، جن ۾ عورتن جو چوڻ هو ته رستن ۽ گهٽين تي ضروري ڪم سان نڪرندي، جيتوڻيڪ هنن کي ڪجهه چيو ته نه ٿو وڃي پر هو طالبان جي نفرت وارين نگاهن جو ضرور شڪار ٿين ٿيون.

افغانستان ۾ عورتن جي اسڪولن جي حالت پڻ تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي. مٿي ڄاڻايل هڪ ڳالهه کي ورجائجي ٿو ته ڇوڪرين جا سيڪنڊري اسڪول تقريبن عملي طور بند ٿي ويا آهن. پرائمري اسڪولن جي حالت هيءَ آهي ته اتي ڪجهه شاگردياڻيون ۽ ٽيچرس ڊپ جي ڪيفيت ۾ اچن ٿيون. “پهريان اسان خوشي خوشي اسڪول اينديون هيوسين. هاڻي اچڻ کانپوءِ مسلسل دٻاءُ جو شڪار رهون ٿيون. لڳي ايئن ٿو ته جلدي اسان کي هنن (پرائمري) اسڪولن کان به روڪيو وينديو!” اهي جملا فرشتا نزاري نالي هڪ عورت جا هئا؛ جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ اي.پي.پي. کي هڪ انٽرويو ۾ چيا هئا.اهي صرف ڪجهه انٽرويوز ناهن پر مختلف خابرو ادارن جي جاچ رپورٽنگ کان ڇوڪرين جي تعليم بابت ڪافي مايوس ڪندڙ نتيجا پڻ سامهون آيا آهن. جهڙي ريت قنڌار جي پاسي ۾ قائم ڇوڪرين جي هڪ اسڪول جو صحافين جڏهن دؤرو ڪيو  ته اتي فقط ست سؤ شاگردياڻيون موجود هيون. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته ان اسڪول ۾ 2500 ڇوڪرين جي داخلا آهي. يعني اسڪول ۾ هاڻي داخلا ڇوڪرين جو فقط ٽيون حصو اچي ٿو. اسڪول ماسترياڻي فرشاته نزاري موجب والدين ڏهن سالن کان مٿي عمر وارين ڇوڪرين کي هاڻي اسڪول نه ٿا ڇڏين، ڇاڪاڻ ته هو خوفزده آهن ته ڪٿي طالبان هنن جي ڇوڪرين کي اسڪولن مان کڻي نه وڃن. فرشته نزاري مطابق هو هڪ اسڪول جي اهڙي ماسترياڻيءَ کي به سڃاڻي ٿي، جنهن جي اسڪول سان گڏ ان جي پگهار به بند ٿي وئي. هاڻي هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ بازار ۾ پنڻ تي مجبور ٿي پئي آهي.

طالبان جي افغانستان ۾ اهي رڳو ڪجهه منظر ناهن، پر انهن جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هي ملڪ عورتن لاءِ تمام گهڻو سوڙهو ٿي پيو آهي. سوال هي پڻ آهي ته هن جديد دؤر ۾ عورتون لاءِ قيد و بند جهڙيون حالتون پيدا ڪري ڪنهن ملڪ جي سرڪار آخر ڪيسيتائين هلي سگهندي؟