بلوچ قوم جي حوالي سان هڪ مختلف ٿيوري يا ٻيو پاسو

0
361
بلوچ قوم جي حوالي سان هڪ مختلف ٿيوري يا ٻيو پاسو

 وڪيپيڊيا جي jatland.com بلوچن جي حوالي سان هڪ نئين ٿيوري سامهون آندي آهي ۽ ويب سائيٽ موجب انهن جو ذڪر مهاڀارت ڪتاب ۾ آهي. جٽ/جاٽ لينڊ ڊاٽ ڪام جي بلوچن ۽ انهن جي جد امجد جي حوالي سان مختلف داخلائن جي تت مان مون هي معلومات ڪڍي آهي:

                 رام سوارپ جونَ ڪتاب ”جٽن/جاٽن جي تاريخ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته هاڻوڪا بلوچستان وارا بلوچ اصل ۾ مهاڀارت ۾ ذڪر ڪيل انو Anu جو اولاد آهن. هن بلوچيا، بلهارا، بال ۽ ڪارسڪار کي انو جي اولاد جون نکون ڄاڻايو آهي. مون جڏهن انو جي داخلا وڃي ڏٺي ته انو جو مهاڀارت مان هيٺ ڏنل شجرو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ همراهه جو نالو سيوي يعني اڄ جو سبي ڏنل آهي. ڄاڻايل آهي ته انوگوترا، يواتي ۽ شرمشٿا جو پٽ هو. يواتي جي وڏي سلطنت رهي آهي. انو جا ٻه ڀائر درهويا ۽ پوريا به هئا. انو جي ماءُ شرمشٿا بادشاهه ورشاپرواڻ جي شهزادي ڌيءَ هئي. داخلا موجب انهن انو گوترا جو سڌو نسل اڄ به بيڪانير، جالنڌر ۽ هوشيارپور ۾ رهندڙ آهي. ساڳي نُک مان ٽيهه هزار جٽ/جاٽ بلوچ مڪران ۾ رهندڙ آهن. انهن جو ذڪر مهاڀارت ۾ بادشاهه انلک سان آهي. رگويد ۾ به انهن جو ذڪر آهي ۽ اهي افغانسان جي ڪابل ندي جي پاسي رهندڙ ٻڌايا ويا آهن. بلوچ داخلا ۾ انهن جي موجودگي افغانستان ۾ به آهي ته جٽ/جاٽ کي اصل سنڌو ڊيلٽا جو ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو هن ريت آهي:

Baloch (बलोच) Biloch (बिलोच)Bilauch (बिलौच)[1] [2] Jat clan[3] is found in Afghanistan.[4] The Race/Tribe of the Jat- Baloch live in the Delta Region of the Indus[5] Balach is for Baloch, and stands for Balaecha Chohan.[6] Baluchya/Baluchi[7] is Jat Gotra.

لڳ ڀڳ اَٺن (8) ڪتابن جا حوالا ڏئي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪڪ، ڪڪڙزئي، ڪلاڪ، ڪوڪڙ، کوڪڙ ۽ ڪارسرڪار نکون جٽ/جاٽ انو شاخ سان واسطو رکن ٿيون. ويب سائيٽ موجب مڪران ۾ ٽيهه هزار جاٽ رهندا هئا. لومڙي علائقي وارا جٽ/جاٽ به بلوچ آهن. ويب سائيٽ ۾ ايڇ ڊبليو بيلو جي افغانستان جي نسلن جي تاريخ بابت ڪتاب جي حوالو ڏئي چيو ويو آهي ته سورهين صدي جي وچ ڌاران همايون جڏهن دهلي جو ٻيهر تخت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪري آيو ته هن سان گڏ فوجين ۾ ڪنڌار جا  بلوچ لغاري، بوزدار، مزاري، لنڊ، ڪسراڻي، دريشڪ، ڪوساهه ۽ ٻيا قبيلا شامل هئا. بلوچن بابت جٽ/جاٽ لينڊ ڊاٽ ڪام ويب جي مختلف داخلائن جو تت هن ريت آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر بلوچ قبيلا نسلي طور سنڌوءَ جي ڪنڌار يا ڊيلٽا واري حصي جا آهن. هاڻ اهي مختلف نسلن وارا بلوچ هڪ الڳ قوميت بڻجي ويا آهن جيڪي نه فارس سان تعلق رکن ٿا نه وري افغاني پٺاڻن سان. اهي ٻولي، لهجي، رهڻي ڪهڻي مان شروع کان ئي ننڍي کنڊ جا رهواسي آهن. بلوچن جي نسلي تاريخ ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته اهي بليچا جا راجپوت هئا جن اهو علائقو قبضي ۾ آندو هو ۽ اهو هاڻي افغانستان ۾ آهي. ۽ انهن جو ٻيو راجپوت پاڙو ڀريچا/بهريچا هيو. اهي بلوچ جنگي جوان هئا جيڪي اڳتي وڌندا ويا ۽ اوڌ ۾ به وڃي قبضو ڪيائون جتي هڪ علائقو ڀريڇ به آهي. انهن دهلي ۾ به وڃي پنهنجا پير ڄمايا. انهن کي عظيم بادشاهه چهاڻ اگنيڪولا جو پوئلڳ ڄاڻايو ويو آهي. دهلي ۾ انهن جي سربراهه جو نالو ڀريچي پٺاڻ هو. ان کي 1857ع جي جنگ ۾ حصو وٺڻ تي ڦاهي ڏني وئي. جيمز ٽوڊ  James Tod جي ڪتاب   Annals and Antiquities of Rajasthanجي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن اسلامي لشڪر بلوچستان جي هاڻوڪي علائقن ۾ حملا ڪيا ته سڀ جنگجو وڏي ويڙهاڪ ۽ عظيم اڳواڻ وسالديو چُهاڻ جي اڳواڻي ۾ اچي گڏ ٿيا، انهن ۾ بلوچ قبيلا ۽ حڪمران به شامل هئا. ٽاڊ لکي ٿو ان ڳالهه جا پڪا ثبوت آهن ته ان وقت اهي بلوچ حڪمران ۽ قبيلا مسلمان نه هئا، اهي جِٽ يا گِٽ هئا. ايڇ ڊبليو بيلو جنهن جو پورو نالو هينري والٽر بيلو آهي، اهو پنهنجي ڪتاب An Inquiry Into the Ethnography of Afghanistan ۾ چئي ٿو ته بلوچن کي افغان چوڻ بلڪل غلط آهي. ان جو مطلب آهي ته ڪن انگريز محققن بلوچ کي پٺاڻن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. والٽر بيلو اڳتي دليل ڏئي ٿو بلوچي ٻولي نه افغاني ٻولي آهي نه ٻي ڪنهن خطي جي، ان جو واسطو صرف ۽ صرف سنڌ سان آهي. اها پشتو جي ته بلڪل ئي ويجهو ناهي. هو لکي ٿو ته: ”بلوچ اصل ۾ بلديچا هئا جنهن جو بادشاهه عظيم راجپوت چُهاڻ اگنيڪولا هو، انهن ڀريڇ جي ڏکڻ ۾ نوشڪي واري علائقي تي قبضو ڪيو هو.“ هن ڄاڻايو آهي ته چهاڻ جي وقت ۾ ٻه وڏا قبيلا هئا جيڪي ڀرديچا ۽ بلديچا هئا. ٽاڊ توڙي والٽر جي ڪتابن جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته حلب کان آيل عرب، جيڪي بعد ۾ بلوچ سڏيا ويا، اهي گهڻو آڳاٽي دور ۾ آيا هئا. اها معلومات لڳ ڀڳ ٻه هزار کان پنجويهه سو سالن جي لڳي ٿي. ٿي سگهي ٿو ان دور کان جڏهن سنڌ جو اڪثريتي خطو فارس جي ضابطي ۾ آيل هو. انهن داخلائن ۾ بلوچن جي امير حمزي سان لاڳاپي کان وٺي، سيستان توڙي سنڌ ۽ هاڻوڪن بلوچ علائقن ۾ اچڻ واري اڳ ۾ موجود تاريخي احوال به ڏنل آهن ته چاڪر خا ن جي بادشاهه ٿيڻ جا به احوال آهن. پر خاص ڳالهه جٽ/جاٽ قبيلن جي آهي، جيڪي هزارين سالن کان ان خطي ۾ آهن ۽ انهن جو 1901ع واري آدمشاري تحت تعداد به ڏنل آهي، جيڪي بلوچستان ۾ موجود ذاتين وارا ڄاڻايل آهن، انهن جو مختلف ذاتين ۾ تعداد گهڻو ناهي ڄاڻايل. 1901ع واري آدمشاري تحت جٽ/جاٽ ذاتيون ڄاڻايل آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن: ابڙا، ٻگهيا، ٻانڀڻ، چنا، چانڊيا، چشتي، ڏاپر، ڌاريجا، ڌرپالي، گولا، گوندل، گوپانگ، هالا، هاتيپوٽا، هوتي، جويا، ڪاڪل، ڪاڪيپوٽا، ڪلهوڙا، ڪلوڙ، ککراڻي، کنڊ، کرل، لکڻ، لانگاهه، ماڇي، مهر، ميها، مستوئي، منگراڻي، نائچ، نندواڻي، پهوڙ، پنهور، رڏ، سبراڻي، شيراڻي، آرائين، اعواڻ، بگڙا، باگراڻي، ڀنڊ، ڀنگر، ڀاريجا، ڀٽي، چاچڙ، آچراڻي، عارباڻي، خاناناڻي، منگهراڻي، محمداڻي، سيداڻي، شهلاڻي، سومرا، چوهاڻ، چوهڙ، ڊکڻ، دستي، ڏيٿا، جمعزئي، شادمانزئي، گبول، گجر، ڪٽپر، خميساڻي، سخراڻي، ڪيچي، ڪيهر، کونهارا، کوکر، ڪوري، ڪوريجا، ڪولاچي، لاڙڪ، مهيسر، ميمڻ، مياڻي، ميرجت، ٻپڙ، حاجاڻا، لنجواڻي، منگهه، نوناري، اوڍا، اوڍاڻا، اوڳاهي، راهوجا، سانگي، سرڪي، ساوند، سيال، شيخ، ٿهيم، سرائي، تنيا، ونجارا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون شامل آهن. ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اڄ سنڌ توڙي بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ٻروچ ذاتيون اڪثر اهي آهن جيڪي هزارين سالن کان هن خطي جون ئي آهن ۽ اهڙيون ڪي ذاتيون هيروڊوٽس دنيا جي لکيل پهرين تاريخ ۾ به ڄاڻايون آهن.

بلوچ قوم جي حوالي سان اهي ٿيوري ڪيتري درست يا غلط آهي، ان تي تحقيق ٿيڻ ضروري آهي. جديد دور ۾ نوان حوالا به اچي رهيا آهن. ضروري ناهي ته ذڪر ڪيل سموري ڳالهه درست هجي. ٿي سگهي ٿو سموري غلط هجي يا وري درست يا وري ڪي ڳالهيون درست ۽ ڪي وڌاءُ واريون هجن. ڇو ته عام طور بلوچ قوم کي حلب مان آيل ڄاڻايو ويو آهي يا وري بروهين کي رڳو آڳاٽا بلوچ سمجهيو ويو آهي. بلوچ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي درست تحقيق سان سنڌ جي تاريخ لاءِ به ڪيئي نوان دروازا کلندا.