پاڙيسري چنڊ تي پهچي ويا پر اسان زمين تان به نه پيا اٿي سگهون: نواز شريف

0
107

لاهور: نواز ليگ جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته اسان جا اوڙي پاڙي وارا چنڊ تي پهچي ويا پر اسان اڃا زمين تان به نه پيا اٿي سگهون

لاهور ۾ پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب دوران  نواز شريف چيو ته اسان پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هنئي، هن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هر پاڪستاني ڏکايل آهي، اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون

نون ليگ جي سربراهه چيو ته هڪ شخص کي آڻڻ لاءِ اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، عدالتن بعد ۾ اهي ڪيس کڻي ٻاهر ڦٽي ڪيا

نواز شريف وڌيڪ چيو ته 2017 ۾ پاڪستان معاشي ۽ سياسي طور مضبوط هو، اڄ ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اسان سان اهڙا حادثا هڪ ڀيرو نه پر بار  بار ٿيا آهن، اقتدار ۾ اچي ملڪ کي ٻيهر بحرانن مان ڪڍنداسين