ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد روڊ تي مسافر ڪوسٽر جي ڇت تان 35 ورهين جو  نوجوان  پورهيت رميش ڪمار ميگهواڙ تيز رفتاري سبب ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي   نازڪ حالت ۾ ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو ويو، جتي زخمن جا تاب نه سهندي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو.