سکر (بيورو رپورٽ) غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر غلام رسول بوڪ منڪي  پاڪس ھجڻ جي شڪ ۾ داخل ڪيل شڪارپور واسي نينگر جي حوالي سان چيو آهي ته ٻارڙي کي منڪي پاڪس نه پر چڪن پاڪس آھي. واضح هجي ته شڪارپور واسي نينگر کي منڪي پاڪس ھجڻ جي شڪ سبب سکر منتقل ڪيو ويو ھو، سکر ۾ جونيئر ڊاڪٽرن به ڄاڻايو ھو ته مريض نينگر ۾ جيڪي علامتون موجود آھن اُھي چڪن پاڪس جون آھن. پي سي آر ٽيسٽ لاءِ سيمپل به ورتا ويا آھن. صحت کاتي کي به معاملي متعلق آگاھ ڪيو ويو آھي. نينگر اسماعيل جي حالت سڌندڙ آھي. سندس جسم تي نڪتل داڻا پڻ سُڪڻ شروع ٿي ويا آھن. جڏھن ته منڪي پاڪس ۾ پڪريز وڌي ويندي آھي. اسپتال ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نينگر کي شڪارپور مان منڪي پاڪس جي شڪ ۾ سکر منتقل ڪيو ويو هو، ڊي ايچ او سکر پاران پڻ نينگر کي آئيسوليٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ھو. گذريل ڏينهن ٻيهر طبي معائني بعد ٻارڙن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر غلام رسول بوڪ ٻڌايو آھي ته نينگر کي منڪي پاڪس نه پر چڪن پاڪس آھي.