ڏهرڪي (ن پ ا) اپ ٽريڪ بحالي کانپوءِ پهرين ٽرين ڪراچي کان ذڪريا ايڪسپريس ٽريڪ تان گذاري وئي، ذڪريا ايڪسپريس ٽريڪ تان گذرڻ وقت ريلوي ملازم توڙي پوليس اهلڪار الله اڪبر جا نعرا هڻندا رهيا، ٽرينن ۾ مسافرن جو تعداد 20 سيڪڙو کان به گهٽ رهيو، مسافر بي حال هئا، مسافرن جو چوڻ هو ته ٽرينون رڪجڻ سبب گهڻي تعداد ۾ مسافر ٻين گاڏين ۾ سوار ٿي هليا ويا، امدادي ڪم ڪندڙ ٽيمن لاءِ حڪومتي سطح تي ڪي به انتظام نه ڪيا ويا، ڳوٺاڻا ماني پاڻي ۽ کاڌي پيتي جو سامان ريسڪيو جي ٽيمن کي پهچائيندا رهيا.