سکر: ريلوي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ريلوي ٽريڪ حادثي سبب متاثر ٿيو هو، جنهن ڪري علامه اقبال ايڪسپريس، ڪراچي ايڪسپريس، جناح ايڪسپريس، ڪراڪرم ايڪسپريس، پاڪ بزنس ايڪسپريس، ملت ايڪسپريس، تيزگام، زڪريا، سر سيد ايسڪپريس جي روانگي کي هڪ ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. بڪنگ ڪرائيندڙ مسافرن کي 100 سيڪڙو ٽڪيٽ جا پئسا واپس ڏنا ويندا.