سکر/ ڏهرڪي/ ريتي (رپورٽ: فاروق سومرو/ اعظم سهرياڻي/ عزيز ملڪ ) ٻه ڏينهن اڳ ريتي ڀرسان گهنڃا موڙ وٽ ٻن ٽرينن ملت ايڪسپريس ۽ سر سيد احمد خان وچ ۾ حادثي کانپوءِ گذريل رات دير سان به ملبي هيٺيان لاش نڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو، هڪ زخمي سور نه سهندي رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، انگ وڌي66 ٿي ويو، 57 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿيڻ بعدوارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته 9 لاش سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري رحيم يار خان اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل آهن، رحيم يار خان شيخ زيد اسپتال ۾ 10 شديد زخمي زير علاج آهن، جن کي وينٽيلٽر تي رکيو ويو آھي، جن ۾ هڪ لاوارث معصوم ٻارڙي به شامل آھي، واقعي کانپوءِ پاڪ آرمي، رينجرز، پوليس ۽ ريلوي انتظاميا ملبو هٽائي 32 ڪلاڪن بعد اپ ٽريڪ بحال ڪيو، جڏهن ته 36 ڪلاڪن بعد ڊائون ۽ اپ ٽريڪ بحال ڪيا ويا ۽ مختلف اسٽيشننز تي بيٺل ٽرينن کي پنهنجي منزل طرف روانو ڪيو ويو.هوڏانهن ريلوي پاران تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ موجب حادثو اپ ٽريڪ جي کاٻي پٽڙي جو ويلڊنگ ٿيل جوڙ ٽٽڻ سبب پيش آيو، پٽڙي جو جوڙ ٽٽڻ ڪري ملت ايڪسپريس جون 12 بوگيون ڊائون ٽريڪ تي ڪري پيون، رپورٽ موجب ڊائون ٽريڪ تي ڪراچي ويندڙ سرسيد ايڪسپريس ملت ايڪسپريس سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ سر سيد ايڪسپريس جي انجڻ ۽ چار بوگيون پٽڙي تان ڪري پيون، ملت ايڪسپريس جي انجڻ ۽ 6 بوگيون ٽريڪ تي هيون، سر سيد ايڪسپريس جون 12 بوگيون ٽريڪ تي رهيون، رپورٽ موجب سر سيد ايڪسپريس راولپنڊ کان ڪراچي ۽ ملت ايڪسپريس ڪراچي کان سوڳوڌا وڃي رهي هئي.ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس سان پيش آيل حادثي بابت ريلوي ذميوارن طرفان حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پنج سينئر آفيسرن تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي هئي. ريلوي آفيسرن حادثي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ توڙي لاڳاپيل عملدارن ۽ ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد حادثي جو ذميوار ٽريڪ ناقص هجڻ کي قرار ڏيندي ڄاڻايو آهي ته حادثي کان اڳ ٽريڪ ٽٽل هو، ويلڊنگ به صحيح نه ٿيل هئي، ٽريڪ ناقص هجڻ ڪري حادثو پيش آيو، اهڙي رپورٽ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير ريلوي طرفان به 21 هين گريڊ جي سينئر آفيسر تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي آهي، جيڪا پڻ ان معامري جو جائزو وٺندي ۽ حادثي جو شڪار ٿيلن ٽرينن جي بليڪ باڪس مان به رڪارڊ حاصل ڪيو ويندو.