هراسمينٽ کان صبا قمر بچايو: اداڪاره مهربانو

0
224

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره مهربانو انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن پهريون ڀيرو کيس هراسان ڪيو ويو ته اداڪاره صبا قمر کيس بچائي ورتو هو. ويب چينل سان هڪ تازي انٽرويو ۾ ، مهر بانو سيٽ تي ٿيندڙ جنسي هراسمينٽ جي تجربي بابت ڳالهايو. هن چيو ته شوٽنگ دوران ، مون کي سيٽ تي مائڪ واري پاران هراسان ڪيو ويو، آئون ننڍي عمر جي هيس ان ڪري سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿي رهيو آهي، بس حيران هيس. اداڪاره چيو ته صبا به ان وقت سيٽ تي موجود هئي. جڏهن مون صبا کي ان بابت ٻڌايو ته هن منهنجي لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ ان مائڪ واري کي شوٽنگ مان ئي ٻاهر ڪڍرايو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ياد آهي اهو واحد لمحو هو جڏهن هڪ ساٿي اداڪار منهنجي حفاظت ڪئي ۽ مون لاءِ ڀرپور موقف اختيار ڪيو. ان وقت مون اهو محسوس ڪيو ته مون کي شعور جي ضرورت آهي ته جيئن سمجهي سگهان ته مون سان ۽ ٻين سان ڇا ٿي رهيو آهي، ته جيئن آئون آواز بلند ڪري سگهان.