نوابشاهه: نواب شاهه ۾ وڪيل گھوٽ ۽ وڪيل ڪنوار جي شادي ۾ انوکو حق مھر لکرايو ويو. ڪنوار حق مھر ۾ گھوٽ کان يارنهن سؤ روپيا 32 نفل ۽ 32 غريب قيدي ضمانت تي آزاد ڪرائڻ جي گھر ڪئي، جنهن تي وڪيل گھوٽ حق مھر لکي ڏنو. ڪنوار پنهنجي 32 سال عمر مطابق گھوٽ ايڊووڪيٽ حبيب جسڪاڻي کان حق مھر ۾ 32 غريب قيدين جي ضمانت مفت ۾ ۽ ان سان گڏ 32 شڪراني جا نفل حق مھر ۾ لکرايا ۽ يارنهن سؤ روپيا لکرايا . ھي پنهنجي نوعيت جو ھڪ منفرد ۽ فلاحي ڪم وارو حق مھر آهي، جنھن سان وڪيل گھوٽ ڪنوار پنهنجي زندگي جي سفر جي خوبصورت شروعات ڪندا ۽ 32 قيدين کي آزاد ڪرائي دعائون وٺندا ـ