اسلام آباد: گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) پاران فوري طور تي نئين آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نومبر 2017 جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته هڪ سيڪڙو سيمپل جو ٻيهر آڊٽ ڪيو ويندو، پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته آڊٽ هڪ سيڪڙو مان وڌائي 5 سيڪڙو ڪيو وڃي. هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل شماريات کاتي واري ايجنڊا جي سفارشن سان اتفاق ڪيو جڏهن ته ڪابينا ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن سفارشون مرتب ڪيون. اسد عمر چيو ته چونڊون نئين مردم شماري جي بنياد تي ڪرايون وڃن ٿيون، اڄ اڪثريتي راءِ جي بنياد تي مردم شماري جي نتيجن کي منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ ٻيو فيصلو اهو ٿيو ته انتظار ناهي ڪرڻو پر ايندڙ مردم شماري لاءِ قدم کڻڻا آهن. هن چيو ته بنيادي مردم شماري واري فريم ورڪ تي ڪم ڇهن کان اٺن هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ نئين مردم شماري سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ شروع ٿي ويندي، نئين مردم شماري مارچ 2023 تائين مڪمل ٿي ويندي.