نندو (ن پ ا) نندو ۾ قائم واحد يوٽيلٽي اسٽور رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، پورهيت طبقو رمضان پيڪيج کان محروم. تفصيل موجب نندو ۾ قائم واحد يوٽيلٽي اسٽور عوام لاءِ بي لاڀ بڻجي ويو آهي.شهرين محمد حُسين درس، مرتضيٰ ملاح، محمد حسن شيدي، محمد ابرهيم شيدي ۽ ٻين الزام هنيو ته يوٽيليٽي اسٽور انتظاميا پورهيت طبقي کي رليف ڏيڻ بدران لڪ چوريءَ ۾ من پسندن ماڻهن کي سامان وڪري ڪري ڇڏي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته يوٽيليٽي اسٽور کي فعال بڻايو وڃي.