لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر جي يار محمد ڪالوني جي رهواسي عورتن طرفان بااثر جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي بيواھ زاھده خاتون گوپانگ پنهنجي نوجوان ڌيءَ گڙيا، ڀيڻ شائله، مائي شاھل خاتون ۽ ٻين سان گڏجي الزام مڙهيندي چيو ته قمبر_شھدادڪوٽ ايس ايس پي آفيس ۾ اڪائونٽنٽ طور ڊيوٽي ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي بااثر مختلف وقتن تي پنهنجي گارڊن سان گڏجي اسان جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي منهنجي 16 ورهين جي ڌيءُ گڙيا کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رھيو آھي، اسان خوف سبب ڪنهن سان ڳالهه نه ڪئي، هاڻ جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پوليس به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.