ڪرمپور/ٺل (نمائندن وٽان) ڪرمپور ۽ ٺل مان اغوا ٿيل نينگري سميت 4 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا آهن، ڪرمپور ڀرسان کرڙو شاخ تان هٿياربندن هٿان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور موسيٰ جان پٺاڻ، پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڪيول ڪمار باگڙي جي اغوا بعد پوليس ڏوهارين آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، ذريعن موجب پوليس آپريشن بدران راڄوڻي ذريعي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين پاران مغوين جي بازيابي بدلي پوليس آڏو شرط رکيا آهن ته گرفتار ڪيل 7 ماڻهن کي آزاد ڪري چوپايو مال واپس ڪري ڊاٿل گهرن جو معاوضو ڀري ڏنو وڃي، جڏهن ته ٺل واسي 14 سال اڳ اغوا ٿيل نينگري فضيلا سرڪي ۽ 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل پورهيت اڪبر وڄلو جو به پتو ناهي پئجي سگهيو، ٻي طرف مغوي ڊرائيور جي ساٿين ۽ ڳوٺاڻن پاران شفيق احمد بنگلاڻي، شفيع الله پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ٺل_ ڪنڌڪوٽ روڊ تي مظاهرو ڪري ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٽرڪون بيهاري ٽائرن کي باهيون ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته ڏوهاري سرعام ماڻهن کي اغوا ڪري رهيا آهن پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي طرف ڊي ايس پي ٺل ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.