مٺي/ ڏيپلو ( رپورٽ: ممتاز نهڙيو، نريش موراڻي) مٺيءَ ۾ ڏيپلو واسي نينگر سان اجتماعي بدفعلي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف، ڪيس داخل،2 جوابدار گرفتار. خبر موجب مٺيءَ ۾ ڏيپلو جي رهواسي 15 سالن جي نينگر بشام ميمڻ کي مٺيءَ ۾ هڪ جڳهه اندر يرغمال بڻائي بدفعلي ڪرڻ بعد اعتراض جوڳي وڍيو رڪارڊ ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آھي. گذريل ڏينهن نينگر بشام ميمڻ جي وڏي ڀاءُ گل ميمڻ مٺي ٿاڻي تي پهچي ٻن جوابدارن خدا بخش سومرو ۽ سرفراز عرف جاني ڪورائي خلاف ڪيس داخل ڪرايو. ٻئي طرف ڏيپلو پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري مٺي پوليس حوالي ڪيو. متاثر نينگر بشام ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن خدا بخش سومرو ۽ سرفراز عرف جاني ڪورائي مون کي ڏيپلو مان ورغلائي وٺي مٺيءَ جي هڪ جڳھه ۾ قيد ڪري بدفعليءَ جو نشانو بڻايو ۽ وڍيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. نينگر جو چوڻ هو ته بدفعليءَ جي واقعي بعد جيئڻ جهڙو نه رهيو آھيان، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. نينگر جي وڏي ڀاءُ فريادي گل ميمڻ چيو ته منهنجي ڀاءُ جوابدارن ڏيپلو مان اغوا ڪري مٺيءَ ۾ 4 ڪلاڪن تائين بدفعليءَ جو شڪار بڻايو. حوس پرست وحشين کي سخت سزا ڏني وڃي. هوڏانهن مٺي پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.