اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب بجلي جي ورڇ، پيداوار واري قانون ۾ ترميم جو آرڊيننس 2021ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، هن جو چوڻ هو ته هي آرڊيننس قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو هو، جڏهن ته مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادري پاران پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان مسلم فيملي لاز ايڪٽ 1961ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو جنهن ۾ شادين جي رجسٽريشن واري سيڪشن 5 ۾ ترميم تجويز ڪئي ۽ ان جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڏنڊ جي سزا هڪ هزار کان وڌائي 25 هزار رپيا تجويز ڪئي وئي، ڄاڻايل ايڪٽ جي سيڪشن 7 ۾ ترميم تجويز ڪئي آهي ته ڪو به مرد جيڪو پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ جو ارادو رکندو هجي يا ڪا به عورت طلاق بابت پنهنجو حق استعمال ڪرڻ چاهيندي هجي ته اهڙي اعلان جي ستن ڏينهن اندر ان حوالي سان قائم ٿيندڙ ڪميشن جي چيئرمين کي تحريري طور تي آگاهه ڪندا، جيڪو ٻنهي ڌرين کي درخواست جي ڪاپي فراهم ڪندو، طلاق ٿيڻ وقت سال جي کير پياڪ ٻار هجڻ جي صورت ۾ کير پيئڻ جي مدت تائين جيڪا 2 سال کان وڌيڪ نه هوندي تائين مڙس کان مناسب رقم حاصل ڪري سگهندي، جڏهن ته انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري قومي اسيمبلي ۾ ٻارڙن جي حقن بابت قومي ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن تحت وفاقي ڪابينا کي حاصل اختيار وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزارت کي ڏيڻ لاءِ ترميمون شامل ڪيو ويون آهن، اهي بل لاڳاپيل ڪاميٽين کي غور لاءِ اماڻيا ويا آهن. جڏهن ته مخبرن جي تحفظ لاءِ ترميم جي بل، اسٽيٽ بينڪ پاڪستان ايڪٽ ۾ ترميم جي بل بابت ناڻي ڪميٽي جي چيئرمين قومي اسيمبلي ۾ بلن بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.