مون کي عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي جيان ڪو اهڙو ڪم ڪرڻو هجي ها ته ڪري چڪو هجان ها: اسد عمر

0
116
مون کي عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي جيان ڪو اهڙو ڪم ڪرڻو هجي ها ته ڪري چڪو هجان ها: اسد عمر
مون کي عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي جيان ڪو اهڙو ڪم ڪرڻو هجي ها ته ڪري چڪو هجان ها: اسد عمر

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي جيان ڪو اهڙو ڪم ڪرڻو هجي ها ته ڪري چڪو هجان ها

 اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجرايڪٽ بابت فيصلي کي درست قرار ڏئي ڇڏيو، نواز شريف وطن واپس ايندو؟ صحافي جي سوال تي اسد عمر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد هي سٺو سوال آهي ته نواز شريف واپس ايندو يا نه؟،

سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد شهباز شريف ڇو خوش آهي؟ اهو منهنجو اوهان کان معصوماڻو سوال آهي، هڪ فيصلي تي تحريڪ انصاف به خوش آهي ۽ شهباز شريف به خوش آهي

سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جيل اندر آهي ۽ اوهان کي رليف ملي ويو؟ واري سوال تي اسد عمر چيو ته سائفر ڪيس ۾ الزام اهو آهي ته جن کي مليو، انهن صحيح استعمال نه ڪيو، اسان جو مڃڻ آهي ته قانوني استعمال ڪيو آهي

 سائفر چار ماڻهن ۾ اچي ٿو، وزيراعظم، پرڏيهي وزير، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ايف آءِ آر ۾ پلاننگ منسٽر ڪٿان آيو، منهنجو صرف نالو آيو، عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي جيان اوهان به پروگرام ۾ ويندا؟

سوال تي اسد عمر چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻو هجي ها ته  ڪري چڪو هجان ها