ٺل ويجهو نوجوان مٿان پنهنجي ماسي سان ڪارنهن الزام، جرڳي جو انڪشاف

0
186

ٺل (رپورٽر) ٺل ويجهو نوجوان تي سندس ماسي سان  ڪارنهن جو الزام هڻي جرڳي دوران  18لک ڏنڊ هڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

جرڳي خلاف متاثر نوجوان ظفر پهوڙ جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، الزام لڳائيندڙ ۽ جرڳو  ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو

نوجوان جي وارثن موجب جمعو پهوڙ پنهنجي ڏوهٽي ظفر تي پنهنجي ئي ڌيءَ صائمه سان ڪارنهن جو الزام هنيو

هنن چيو ته رئيس عبدالنبي پهوڙ ۽ الف پهوڙ جرڳو ڪري ظفر پهوڙ تي 18 لک ڏنڊ هنيو آهي

اختيار پهوڙ موجب جمعو پهوڙ ڏانهن سڱ رهيل هو جيڪو به ڏيڻ کان انڪار ڪيو اٿائين