ماڙي جلباڻي واقعي بابت نگران صوبائي سرڪار ۽ رينجرز کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت

0
262
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي وارثن جون دانهون، عدالت جو اهم حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي وارثن جون دانهون، عدالت جو اهم حڪم

ماڙي جلباڻي واقعي بابت نگران صوبائي سرڪار ۽ رينجرز  کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي سانحي جي جڊيشل انڪوائري بابت درخواست تي ٻڌڻي

 درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي، بئريسٽرصلاح الدين، حيدر امام رضوي ۽ ٻيا پيش، ڊي آءِ جي حيدرآباد جواب جمع ڪرائيندي چيو ته واقعي جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ھڪ ڳوٺاڻن جو ۽ ھڪ پوليس طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو

رينجرز ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن طرفان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مھلت طلب ڪئي وئي آهي

عدالت ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي