ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) هاري مزدور تنظيم طرفان ملير پريس ڪلب تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ هاري مزدور تنظيم جي صدر نور نبي راهوجو، عوامي جمهوري پارٽي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه،  پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ اعجاز منگي, عوامي ورڪرس پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ يونس راھو, ڪميونسٽ پارٽي جي سڪريٽري امداد قاضي, سنڌي انسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي صدر گلاب راءِ، سنڌي عورت تنظيم جي آرگنائيزر  سعيده گوپانگ، حريف چانڊيو ڪريم شر غلام قمبر حاجاڻو، رشيد سڌايو، اياز چانڊيو لعل محمد چانڊيو اصغر باغي ۽ کاٻي ڌر جي هاري مزدور تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شڪاگو جي شهيدن سرمائيدار طبقي کان مزدورن جا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن جي ڏهه ۾ انهن کي شهيد ڪيو ويو. ان موقعي تي  جلسي مان قرادادون پاس ڪرايون ويون 1جنهن ۾ چيو يوو ته پنجاب وانگر سنڌ ۾ به هارين کي ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ فصلن جي انشورنس ڏني وڃي. سنڌ جي صنعتي ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ سٺ سيڪڙو نوڪريون مقامي ماڻهن کي ڏنيون وڃن.. سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ جي سمورين صنعتن، مِلُنُ، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو وڃي.. زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ کيت مزدورن کي مزدور تسليم ڪري، کين ليبر قانون موجب سمورا حق ڏنا وڃن.. ڪراچيءَ جي ڪئمپن ۽ ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي گهر اڏڻ لاءِ پلاٽ ۽ روزگار ڏيو.. تازو برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين جي پيش نظر سنڌ جي متاثر هارين ۽ مزدورن جي بحالي لاءِ جنگي بنيادن تي اُپاءَ ورتا وڃن.. ڊجيٽل آدمشماري جي آڙ ۾ سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ ڏيکارڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.. سنڌ م ڌاري آبادڪاري جي روڪٿام لاءِ قانونسازي ڪري ڌارين خاص ڪري افغانين، بنگالين، برمين ۽ ٻين کي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس موڪليو وڃي.