لاهور  (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اي اين پي جي آل پارٽيز ڪانفرنس تان به يوٽرن وٺندي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. عوامي نيشنل پارٽي ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ اليڪشن جي حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس3 مئي تي گھرائي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي به شرڪت جي دعوت ڏني  هئي. پي ٽي آءِ پهرين اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو هو ۽ اسد قيصر کي نمائندي طور موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻي اسد قيصر جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم پارٽين جي اي پي سي آهي ان ۾ اسان جو موقف ڪيئن ٻڌو ويندو. ان ڪري پارٽي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.