فيض گنج: 70 کان مٿي فوت ٿي ويل مستحق عورتن جا پيسا اچي ويا

0
242
فيض گنج: 70 کان مٿي

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي جي ستر کان مٿي مستحق عورتن جا پيسا انھن جي مرڻ کان پوءِ اچي ويا آھن

تعلقي جي 10يونين ڪائونسلن  ڪرونڊي، اڪري چودڳي، ڀنگو بهڻ، ڪوٽ لالو، رضا آباد، خوش خير محمد هيسباڻي، امن راڄپر، پنهل خان ننگر، خان شر ۽ ڪرم خان يوسيز جي مختلف ڳوٺن جي اھڙين مسڪين عورتن جا بينظير انڪم سپورٽ پاران پيسا آيا جيڪي سڀ جو سڀ فوت ٿي چڪيون آھن

فوت ٿي ويل عورتن جا فـنگر پرنٽس  يا شناختي ڪارڊ مدي خارج ٿيڻ يا ڪنھن ٻين سببن جي ڪري سالن کان پيسا بلاڪ ٿيل ھيا

بينظير انڪم سپورٽ فيض گنج جي ذريعن موجب انھن مستحق عورتن مان تقريبن سڀ فوت ٿي چڪيون آھن

پوري زندگي احساس سينٽر تي پيسا وٺڻ لا ڌڪا، ٿاٻا ۽ تڪليفون ڏسي پيسا نه ملندڙ مستحق عورتن جي دنيا ۾ وڃڻ کان پو سندن نالن تي 30، 30  ھزار  رپيا اچي ويا آهن