حيدرآباد ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل گڏهه ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ علاج دوران مري ويو

0
53
حيدرآباد ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل گڏهه ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ علاج دوران مري ويو
حيدرآباد ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل گڏهه ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ علاج دوران مري ويو

حيدرآباد ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل گڏهه ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ علاج دوران مري ويو، زخمي گڏهه هڪ هفتي کان ڪراچي ۾ علاج هيٺ هو

اينيمل شيلٽر هوم انتظاميا سوشل ميڊيا تي گڏهه جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن جانور سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو تمام ڏکوئيندڙ آهي، پاڪستان ۾ جانورن جي حالت زار لاءِ سڀني کي اٿڻ گهرجي

2 هفتا اڳ تشدد سبب گڏهه جون ٻئي ڄنگهون ٽٽي پيون هيون، واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ گڏهه کي علاج لاءِ ڪراچي جي سي ڊي آر ايس بينجي شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويو هو