فيس بوڪ برطانيا سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نيوز ٽيب سيڪشن بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فيس بوڪ تي 2018 کان پوءِ نيوز ٽيب جو سيڪشن يورپي ملڪن سميت ٻين ترقي ڪيل ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو. ڄاڻايل سيڪشن تي وڏن وڏن نشرياتي اداران کي خبرن جون لنڪس شيئر ڪرڻ جو اختيار آهي ۽ ڄاڻايل لنڪس لاءِ فيس بوڪ ڪمپنين کي معاوضو فراهم ڪري ٿو. يورپي ملڪن کانسواءِ نيوز ٽيب جو سيڪشن ڪينيڊا، آسٽريليا، آمريڪا ۽ نيوزي لينڊ سميت ٻين ملڪن ۾ به موجود آهي، پر هاڻي فيس بوڪ ان کي يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ “انگيجٽ” موجب فيس بڪ برطانيا، جرمني ۽ فرانس ۾ نيوز ٽيب سيڪشن بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  ڄاڻايل ملڪن ۾به هاڻي پاڪستان جيان نيوز ٽيب سيڪشن صارفين کي نظر نه ايندو، ۽ نه ئي اتان جا نشرياتي ادارا ڄاڻايل فيچر مان پيسا ڪمائي سگهندا. جيتوڻيڪ اتي نشرياتي ادارن کي پنھنجي پيجز تي خبرن جا لنڪس معمول وانگر شيئر  ڪرڻ جو اختيار هوندو.

نيوز ٽيب جو سيڪشن پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ناهي ڪرايو ويو ۽ نه ئي ان کي آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ نشرياتي ادارا پنھنجي پيجز ذريعي خبرن جي تشھير ڪري سگھن ٿا ۽ انهن کي پنھنجي پيجز تي فالوورز ۽ وڊيو ڏسڻ جي مد ۾ معاوضو به فراهم ڪيو ويندو آهي.