آبشار، مراقبو ۽ هڪ ياد … اسحاق سميجو

0
170
آبشار، مراقبو ۽ هڪ ياد ... اسحاق سميجو

 پوکرا ۾، فيوا پاور هائوس جي طويل ڏاڪڻ لھجي ٿي، ته آس پاس آبشار ئي آبشار آهن. نيپال جهرڻن ۽ آبشارن جو ملڪ آهي. خوبصورت مٿانهن ساوَن جبلن تان جهرڻا نخريلي انداز ۾ زمين سان ملڻ لاءِ ڊوڙندا اچن ٿا. کٽمنڊو کان پوکرا وڃجي يا پوکرا کان لمبيني يا چتوان، هر پاسي جهرڻن ۽ آبشارن جي  دلفريب دنيا ملندي. برائوٽا جي علائقي ۾ نديءَ مٿان ٺھيل پاور هائوس لڳ ئي، هڪ آبشار هيٺان بيٺي، اوچتو نظر پئي ته سج جا ڪرڻا ڪرندڙ پاڻيءَ جي چادر چيري،  پٿر مٿان اڌ گول انڊلٺ ٺاهي رهيا هئا. مون فياض لطيف کي چيو، “اڙي هي ڏس، انڊلٺ…“ هو پھرين نظر ۾ انڊلٺ ڏسي نه سگهيو، پر پوءِ هڪ جاءِ تي لاڳيتو اکيون ٽڪائڻ بعد هن به محسوس ڪيو ته پرزم جيان پاڻي ست رنگي گولائي پيو ٺاهي، پاڻيءَ سان گڏ مٿان پھاڙن تان پوپٽ به لهي ٿي آيا ۽ سامهون وهندڙ نديءَ جو شور، ساوَن پھاڙن جي چُپ سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو ٿي رهيو. سائين علي دوست، ڏاڪڻ جي اُونهائي ڏسي، هيٺ نه لٿو هو، سو اسان سڀني کي هن جي ڪمي کائيندي رهي. “يار، علي دوست کي چئون ها ته ڀلا هيٺ نه اچي ها، سامهون ڏاڪڻ تي ئي ويھي نظارو ڪري ها…“جاميءَ چيو. ”سائين کي دونس جام هوندي، ممڪن آهي ته آبشار جي پاڻيءَ سان ئي هيٺ وهي اچي…“ مون چرچي مان چيو، “سائين مھاراج آهي، ڪجهه به ڪري سگهي ٿو..“ جاميءَ کلي چيو.

 اسان سائين علي دوست کي سموري نيپال ۾ مھاراج طور مشھور ڪيو. اڇو مٿو، دلڪش شخصيت ۽ مُرڪڻي مزاج سبب سائين کي ڏسندي ئي ماڻهو سندس اڳيان جهُڪڻ تي مجبور ٿيو وڃن. جاميءَ کي جنھن به دڪاندار کان پئسا گهٽ ڪرائڻا هجن، سائين کي سامهون ڪري چوي“بابا اسان سان گڏ مھاراج به آهي… هن جو اوهان جي دڪان ۾ اچڻ ئي وڏي ڳالهه آهي…اسان سان رعايت ڪيو، ڏسجو اوهان جو ڀاڳ ڪيئن ٿو کُلي…“ دڪاندار اها ڳالهه ٻڌي، ٻه ٽي سئو گهٽ ڪيو ڇڏن.

نيپال ۾ گرمين جي موڪلن کان پوءِ ٻيھر سياح آڪٽوبر کان اچڻ شروع ٿين ٿا، تيستائين دڪاندار  ڪراين ۾ ئي ورتا پيا هوندا آهن. جنھن دڪان تي وڃ، چوندا“اڄ ٻن ڏينھن کان پوءِ بوهني ٿي آهي“ نيپاليءَ ۾ به ٻُھڻيءَ کي بوهني چون. سنڌي ۽ نيپاليءَ ۾ هزارين لفظ هڪ جھڙا آهن. پوکرا ۾ اسان جي ٽئڪسي ڊرائيور بال ڪرشنا کي سنڌو سڀيتا جي به خبر هئي. ”شائين، سنڌو سڀيتا جي ٻولين ۾ هڪ جھڙائي ته هوندي نه…“ هو سائين کي شائين پيو چوي. ان ڪري، سائين علي دوست به هن لاءِ ’شائين’ هيو. ”شائين مھاراج کي هتي ئي ڇڏي وڃو، اسان هن کي پير بڻائي ويهارينداسين..“ بال ڪرشنا سائين سان دل پشوري ڪندو رهيو. نيپالي ٻوليءَ ۾ سنڌين لاءِ بيحد پنھنجائپ ملندي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجهه مهينا به ڌيان سان ٻڌي، ته اڪثريتي لفظ سمجهي ويندو. نيپاليءَ ۾ سالو ۽ ساليءَ کي شالو ۽ شالي چون. پلال کي پرال، ڀَري کي ڀاري، دال کي دال، ڀت کي ڀات، ساڳ کي ساگ، بابا کي با، امان کي امان، اُنَ کي اونَ، چوواٽي کي چوٻاٽو چون ٿا. ان موضوع تي راڻي مل پرياڻي نيپالي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ جھڙن اچارن ۽ هم معنا لفظن جي جيڪا لغت ٺاهي آهي، تنھن ۾ به لڳ ڀڳ ٻه هزار لفظ ڏنا اٿس.

آبشار جي ٿڌي پاڻيءَ هيٺان هڪ وڏي پٿر تي ويھي، عجيب سڪون مليو. ماحول به ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ ۾ سڪون ڀري ڇڏيندو آهي. مون ڪرندڙ آبشار هيٺان اکيون بند ڪري، ٻُڌ واري انداز ۾ پلٿي هڻي، مراقبي جي ڪوشش ڪئي. ڪجهه ئي لمحن ۾ اکين ۾  گلابي، نارنگي ۽ ڳاڙها رنگ ڀرجي ويا. مون اکيون کولي، ٻيھر بند ڪيون. لڳم، هاڻ فقط ڳاڙها پاڇا، اکين تي پردن وانگر پئجي ويا آهن. ان ڇتي ڳاڙهاڻ جو بار اکين کان کنيو نه ٿي ٿيو. پر هوريان هوريان مون ذهن کي هڪ مَنو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مونکان وسري ويو ته مان ڪٿي آهيان. مٿي تي ڪرندڙ پاڻي، دماغ کي جائتو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪاوڙ، ڪروڌ، ردعمل ۽ خوف، هوريان هوريان ٿي جهرڻي جي پاڻيءَ سان وهڻ لڳا. ڪجهه دير کان پوءِ مونکي لڳو، مان مڪمل طور خالي ۽ هلڪو ٿي ويو آهيان… پر اوچتو ئي اوچتو، الائي ڪيئن، اها نيرين اکين واري پٺاڻ ڇوڪري ذهن تي تري آئي، جنھن سان گڏجي، مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڏهه منٽ  مراقبو ڪيو هو. هوءَ ڪراچيءَ ۾ مونکي پنھنجي مرشد خواجه شمس الدين عظيميءَ وٽ وٺي وئي هئي. هوءَ پشاور ۾ هڪ وڏي عھدي تي هئي ۽  پئرس ۾ تصوف تي پي ايڇ ڊي ڪري رهي هئي. هن جو مرشد روحاني ڊائجسٽ به ڪڍندو هيو، ان ڪري اسان ڪجهه دير ڪتابن ۽ رسالن بابت ئي ڳالهايو. پر خير، اها بيحد پراڻي ڳالهه آهي، ۽ ان کان پوءِ مون ڪڏهن ڪو مراقبو ڪيو به ناهي.

  آبشار هيٺان اڌ منو ڪلاڪ ڪيل ان مراقبي دوران، ڪيترا ئي تصور پکين وانگر اڏامندا آيا ۽ اڏامندا ويا. پر اها هڪ عجيب، پراسرار، نشيلي ۽ نرالي ڪيفيت هئي، جنھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي….اتان اٿڻ کان پوءِ، هڪ آبشار آهي، جيڪو ذهن تان ڪِري، دل تي پوي ٿو، ۽ دل مان ٿي، دنيا مٿان هارجي رهيو آهي….(فيس بوڪ تان ورتل)