سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) پاران نئين پرائيويسي پاليسي جوڙي وئي آهي، جنهن تحت واهپيدارن کي بائيو ميٽرڪ معلومات يعني صارف جي چهري جي تصوير ۽ فنگر پرنٽس سميت ٻي ڊيٽا ڪمپني جي جاب لسٽنگ پليٽ فارم تان شيئر ڪري سگهجي ٿو. آمريڪي خابرو اداري سي اين اين جي رپورٽ موجب ايڪس پاران گذريل ڏينهن نئين پرائيويسي پاليسي جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪو 29 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندو.

                         نئين پاليسي تحت صارفين جي ذاتي تفصيل ۽ بائيو ميٽرڪ جي ڊيٽا يعني فنگر پرنٽس ۽ چهري جي تصوير سميت معلومات گڏ ڪري ۽ استعمال ڪري سگهجي ٿي. ان کان سواءِ نوڪري جي درخواستن لاءِ نئين ليبل تحت ايڪس جو چوڻ آهي ته پليٽ فارم تي توهان جي نوڪري ۽ تعليم سميت ٻي ڊيٽا به گڏ ڪري سگهي ٿو. اها معلومات توهان لاءِ نوڪري جا موقعا تجويز ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿي.

                         ڪمپني اهو به چيو آهي ته اها صارف جي روزگار جي ترجيحن، هنر ۽ قابليت وغير جي ڊيٽا گڏ ڪري سگهي ٿي، ته جيئن صارفين کي نوڪري جي موقعن جون تجويزون پيش ڪري سگھجن.

سوشل ميڊيا جي هن پليٽ فارم جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن ايڪس پريميم سروس ۾ سبسڪرائب ڪيو آهي، ڪمپني انهن صارفين کي پنهنجي حڪومت پاران جاري ڪيل آءِ ڊي ۽ تصديقي مقصدن لاءِ سيلفي اميج فراهم ڪرڻ جو اختيار ڏيندي.

صارفين پليٽ فارم تي پنهنجي سڃاڻپ جي تصديق لاءِ دستاويزن کي پاڻ اپ لوڊ ڪرڻ جي چونڊ ڪري سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ ايڪس صارف جي شناخت جي تصديق لاءِ کين فراهم ڪيل دستاويزن ۽ تصويرن سان بائيو ميٽرڪ ڊيٽا ڪڍي سگهي ٿو.

ڪمپنيءَ چيو آهي ته ان سان کين انهن صارفين جي شناخت جي تصديق ڪرڻ ۾ به مدد ملندي، جن کي حڪومت پاران آءِ ڊي فراهم ڪئي وئي آهي، ان سان ماڻهن لاءِ پليٽ فارم تي جعلي اڪائونٽ ٺاهڻ ناممڪن ٿي ويندو.