فضل الرحمان چونڊن جي خلاف نه هوندو: بلاول

0
93

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فضل الرحمان جمهوري سياستدان آهي، آئون نٿو سمجهان ته هو چونڊن جي خلاف آهي، پيپلز پارٽي هر وقت چونڊن لاءِ تيار آهي ۽ ايندڙ چونڊون پ پ ئي کٽيندي

جيڪب آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته  نواز شريف جي واپسي جي تياري اُها نظر نٿي اچي، جيڪا هجڻ گهرجي، سٺو ٿيو جو خواجه آصف سامهون آيو، نواز ليگ جو سمورو بار رڳو شريف ڪٽنب کي نه کڻڻ گهرجي

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، پوءِ ڀلي نواز ليگ کٽي يا پيپلزپارٽي  يا وري ڪا ٻي جماعت، جيڪو به سياستدان آهي، اُهو اها ئي ڳالهه ڪندو ته هر مسئلي جو حل اليڪشن آهي، جيستائين پي ٽي آءِ مان 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهو مائينس نٿا ٿين، تيستائين اُن سان اتحاد نٿو ٿي سگهي

پريس ڪانفرنس دوران صحافي بلاول کان سوال ڪيو ته جڏهن پيٽرول 150 روپيا في ليٽر هو ته اوهان ٽريڪٽر مارچ ڪيو، پر هاڻ ساڍا 3 سئو روپيا ٿي ويو آهي پر اوهان ڪو بيان ئي نٿا ڏيو؟ بلاول جواب ڏنو ته مهانگائي واقعي آهي پر هاڻ اسان ٽريڪٽر افورڊ نٿا ڪري سگهون