عمرڪوٽ ۾ سال اڳ ڇتي ڪُتي جو ڏاڙھيل معصوم نينگر فوت

0
201
عمرڪوٽ ۾ سال اڳ ڇتي

عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ۾ هڪ سال اڳ ڇتي ڪُتي جو ڏاڙهيل معصوم ٻارڙو هائيڊرو فوبيا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو آھي، 7 سالن جي معصوم فرمان بجير والدين اڳيان تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو آھي

 وارثن جو چوڻ آهي ته فرمان کي هڪ سال اڳ ڪُتي ڏاڙهيو هو، اسپتال ۾ ويڪسين لڳائڻ بدران ٻارڙي جي رڳو ملم پٽي ڪئي وئي

وارثن وڌيڪ چيو تھ هڪ سال بعد کيس دورا ۽ جهٽڪا اچڻ لڳا ته عمرڪوٽ اسپتال کڻي وياسين، جتي ڊاڪٽرز هائيڊرو فوبيا جي تصديق ڪئي، حيدرآباد جي ڊاڪٽرز به علاج کان لاچاري ظاهر ڪئي ته ٻارڙي جي حياتي بچائڻ لاءِ درگاهن تي وياسين، ڪٿان به ڪجهه نه ٿيو

وارثن موجب ۽ اسان جي اکين اڳيان سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي، ويڪسينيشن ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آھي.