عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا غيرقانوني؟ فيصلو محفوظ

0
148
عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا غيرقانوني؟ فيصلو محفوظ
عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا غيرقانوني؟ فيصلو محفوظ

عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا غيرقانوني؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، امڪان آهي ته ڪجهه دير ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو

چيف جسٽس عامر فاروق پاران عدالتي احاطي مان عمران خان جي گرفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

ٻڌڻي دوران نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته عمران خان جا وارنٽ پهرين مئي تي جاري ڪيا ويا هئا، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته بظاهر عدالت مان غلط طريقي سان گرفتاري ڪئي وئي، ڇا اهڙي قسم جي گرفتاري برقرار رهي سگهي ٿي؟ گرفتاري ۾ فورس جو به غلط استعمال ڪيو ويو

نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته روزانو عدالتي احاطي مان جوابدار گرفتار ٿيندا آهن، عدالتي احاطي مان جوابدار جي گرفتاري تي ڪابه پابندي ناهي

چيف جسٽس چيو ته اڃا ته ايف آءِ آرز داخل ٿيڻيون آهن، پهرين بنيادي مسئلو حل ڪري وٺان، مونکي خبر پئي آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري جو به خدشو آهي

عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيو ته هن ڪيس ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، اسان نيب کي جاچ رپورٽ مهيا ڪرڻ لاءِ خط به لکيو هو، عدالت کي پنهنجي تقدس جو تحفظ ڪرڻو پوندو

بئريسٽر علي ظفر الزام هنيو ته عمران خان کي مٿي ۾ راڊ هنئي وئي، سندس ٽٽل ڄنگهه تي به ڌڪ هنيا ويا

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب ڪيس ۾ گرفتار

عمران جي گرفتاري خلاف مظاهرا، روڊ بلاڪ: پوليس سان چڪريون: علي زيدي سميت ڪيترائي گرفتار

اڳوڻو وزير اعظم گرفتار: ميڊيڪل بورڊ معائنو ڪيو: عمران خان کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو: نيب

آزادي لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو آهي، عوام کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي: عمران جو گرفتاري کان اڳ وڊيو بيان

سنڌ اسيمبلي: پي ٽي آءِ ميمبرز جو احتجاج، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ