سڄي جنگ بي اعتمادي نه، پر اين آر او ۽ ڪيسز جي آهي، جھڪڻ وارو ناھيان:وزيراعظم

0
251
سڄي جنگ بي اعتمادي نه

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ الله ڪنهن کي به اها اجازت ناهي ڏني ته توهان سٺي ۽ خراب جي جنگ ۾ چئو ته نيوٽرل آهيان، سڄي جنگ بي اعتمادي نه، پر اين آر او ۽ ڪيسز جي آهي، بي اعتمادي رِٿ جي نالي تي بليڪ ميل نه ٿيندس،

مانسھرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو تھ 3 ڪوئا منهنجي شڪار لاءِ نڪتا آهن،سڄو ڏينهن بليڪ ميل ۽ گار گند ڪندا آهن، انشاءَ الله ڪوئن کي شڪست ملندي، اپوزيشن وارا ڊڄڻا آهن، اهي چاهين ٿا ته ڪرپشن ڪيسز ختم ٿين ۽ اين آر او ملي، سندن ڪرپشن ڪيسز معاف ڪيا ته اها سڀ کان وڏي غداري هوندي

اسلام آباد ۾منڊي لڳل آهي، لوٽن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ 20 کان 25ڪروڙ رُپيا آڇيا ويا آهن، هتي ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهايو، تڏهن به لنڊن ۾ ويهي ليڊر بڻيو ويٺو آهي