سنڌ جي ڪميشن پاس ڪرڻ بنا مستقل ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ آفيسرن مٿان تلوار لٽڪيل!!

0
488
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي: پبلڪ سروس ڪميشن کان سواءِ گريڊ 16 کان مٿان ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي مستقل ڪرڻ واري معاملي ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواستن کي ٻڌڻ جي لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو ته ڇا حڪومت آفيسرن جي تقرري / ملازمت لاءِ ٻن مختلف طريقن کي اختيار ڪري رهي آهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ان طريقي سان ته سڀاڻي ڪنهن کي به آفيسر بڻايو ويندو ، آفيسرن کي ڪميشن کان سواءِ ڪيئن مستقل ڪري سگھجي ٿو. قانون کي باءِ پاس ڪندي حڪومت اهو قدم ڪيئن کڻي سگهي ٿي؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اهو ته پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪندڙ آفيسرن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو، اهڙي طريقي سان اهل ۽ نا اهل اميدوار ٻئي برابر هوندا. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته خدشو آهي ته پوري ملڪ ۾ سرڪاري آفيسرن جو خلا پيدا ٿي ويندو، سمورا صوبا پبلڪ سروس ڪميشن کان سواءِ ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي مستقل ڪري رهيا آهن، اها پريڪٽس نه فقط سنڌ ۾ ، پر سڀني صوبن ۾ آهي ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اهو ڪيس اسلام آباد ۾ ٻڌڻ گهرجي ۽ سڀني صوبن کان راءِ طلب ڪئي وڃي. ميرٽ تي آفيسرن جي مقرري لاءِ هڪ خاص ڪميٽي ٺاهي وڃي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪميٽي جي بدران اهي آفيسر پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن ڇو نٿا موڪليوا؟ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ ڪيترا آفيسر آهن جن کي ترقي ڏني وئي آهي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار آفيسر متاثر ٿيندا.