ملير: گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ مان اڻڄاتل چور لوهه چوري

0
219

ملير (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ابراهيم حيدري جي ريڙھي ڳوٺ ۾ جوڙايل گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ مان اڻچاتل چور لوھ چوري کڻي ويا، 1996 ۾ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ جي 4 ڪروڙ رپين جي رقم سان اها اسڪيم منظور ٿي جيڪا 2002 ۾ مڪمل ٿي هئي، ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ جو افتتاح ان وقت جي صوبائي وزير حاجي مظفر شجراع ڪيو هو، جنهن بعد بلڊنگ ايجوڪيشن ورڪس کاتي پاران ڊائريڪٽر ڪاليجز حوالي ڪئي وئي هئي پر ي يارهن سال گذرڻ باوجود هڪ ڏينهن به ڪلاسز نه هليا.