سنڌ جي شهري آباديءَ ۾ 3 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ٻهراڙيءَ جي آباديءَ ۾ رڳو هڪ ڏهائي 90 سيڪڙو اضافو ٿيو

0
417
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي شهري آباديءَ ۾ 3 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ٻهراڙيءَ جي آباديءَ ۾ رڳو هڪ ڏهائي 90 سيڪڙو اضافو ٿيو: ڊجيٽل آدمشماري 2023 جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي

 نئين ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 ٿي وئي، 2017 جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي، 2017 کان 2023 تائين سنڌ جي آباديءَ ۾ 2 ڏهائي 57 سيڪڙو اضافو ٿيو

 سي سي آءِ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشنس موجب سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 57 لک 71 هزار 71 آهي، سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 99 لک 25 هزار 76 ٿي وئي، سنڌ جي شهري علائقن جي آباديءَ ۾ 3 ڏهائي 17 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي آباديءَ ۾ رڳو هڪ ڏهائي 90 سيڪڙو جو اضافو ٿيو

 2017 جي آدمشماري موجب سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 48 لک 32 هزار ۽ ٻهراڙين جي آبادي 2 ڪروڙ 30 لک 21 هزار هئي، پراڻي آدمشماري ۾ ٻهراڙي ۽ شهري آبادي جو فرق 18 لک تائين جو هو، نئين آدمشماري ۾ اهو فرق 50 لک کان به وڌي ويو

ڪراچي ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک مان وڌي 2 ڪروڙ 3 لک 82 هزار ٿي وئي، ڊجيٽل آدمشماري 2023 موجب ڪراچي ڊويزن جي آباديءَ ۾ 4 ڏهائي 10 سيڪڙو جو اضافو ٿيو

 حيدرآباد ڊويزن جي آباديءَ ۾ 2 ڏهائي 57 سيڪڙو واڌ، 2017 ۾ حيدرآباد ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 5 لک 96 هزار هئي، نئين آدمشماري موجب حيدرآباد ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 16 لک 59 هزار ٿي وئي

هي به پڙهندا

نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اپيل ڪئي ته اهڙا فيصلا ڪريو، جنهن سان مريم ۽ مون لاءِ سياست سولي هجي: بلاول