نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اپيل ڪئي ته اهڙا فيصلا ڪريو، جنهن سان مريم ۽ مون لاءِ سياست سولي هجي: بلاول

0
230
نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اپيل ڪئي ته اهڙا فيصلا ڪريو
نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اپيل ڪئي ته اهڙا فيصلا ڪريو، جنهن سان مريم ۽ مون لاءِ سياست سولي هجي: بلاول

نوجوان سياست مان تنگ آهن، اُهي اسان تي ڀروسو نٿا ڪن: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان 15-16 مهينن ۾ ادارن جَي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ واري مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين کي اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري مڪافاتِ عمل آهي، آئون ننڍپڻ کان ڏسندو پيو اچان ته سياستدان جيل يا اقتدار ۾ هوندو آهي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسيمبلي کان ٻاهر ٿيل جماعت سوڌو سمورين سياسي پارٽين ۽ ادارن کي ڊائلاگ ڪرڻ گهرجن، رولز آف گيمز طئه ڪرڻا آهن ته ڪهڙي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت سياست ڪئي وڃي

بلاول چيو ته  ڪهڙي طريقي سان اسان جا ادارا ٻين اداران سان گڏ هلندا رهندا، فيصلا ڪريون ته واپڊا کي وفاقي وزير يا سُپريم ڪورٽ جو ڪو چيف جسٽس هلائيندو، 15-16 مهينن ۾ اسان کي اصل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪيترو وقت مليو؟ ڪڏهن اسلام آباد کي ساڙيو ويو ته ڪڏهن زمان پارڪ جنگ جو ميدان بڻيو، ڪڏهن وري 9 مئي جا واقعا پيش آيا، سڀني کي پنهنجو رويو درست ڪرڻو پوندو

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اپيل ڪئي هئي ته اهڙا فيصلا ڪريو، جنهن سان مريم ۽ مون لاءِ سياست سولي هجي، لڳي ٿو اسان جي وڏن فيصلو ڪيو آهي ته جهڙي نموني هُنن 30 سالن کان سياست کي ڀوڳيو آهي

بلاول وڌيڪ چيو ته اسان به ائين ئي 30 سالن تائين سياست ڪندا رهون، نوجوان اِن سياست مان تنگ ٿي چڪا آهن، اُهي اسان سان گڏ ٻين تي به ڀروسو نٿا ڪن، اسان نوجوان نسل کان اُميد نٿا کسي سگهون