نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت جاري آهي، 2023ع اليڪشن جو سال ناهي: وفاقي گهرو وزير

0
232
نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت جاري آهي، 2023ع اليڪشن جو سال ناهي: وفاقي گهرو وزير
نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت جاري آهي، 2023ع اليڪشن جو سال ناهي: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 2023ع اليڪشن جو سال ناهي، نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ سميت ٻين نالن تي مشاورت  ٿي رهي آهي، اڃا ڪو به نالو فائنل ناهي ٿيو

 پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪي سياست کي پوائنٽ آف نو ريٽرن تي پهچائي ڇڏيو هو، جنهن کي ڪنهن تي به اعتبار نه هجي، اُن کي ڪهڙي سياست ڪرڻي آهي؟ هاڻي يا ته پي ٽي آءِ چيئرمين سياست ڪندو يا اسان ڪنداسين

 وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله  وڌيڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ائين نه سمجهي ته جيل مان نياپا اُماڻي اسان کي ڊيڄاري سگهندو، عوام ۽ ادارا ساڻس گڏ نه هوندا، اُهي ملڪ ۾ خوشحالي ۽ امن آڻيندڙن سان گڏ هوندا، هو عام قيدين سان گڏ رهڻ جو تجربو ڪري وٺي، اسان به ائين رهندا هئاسين

هن جو چوڻ هو ته  آئين ۾ لکيل آهي ته 2017ع ۾ جيڪا آدمشماري ٿي، ان تي ٻيهر اليڪشن نه ٿي سگهندي، آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته آدمشماري ٿي وڃي ته تڪبنديون ضروري آهن، نگران حڪومت آئيني گهرجن کي پورو ڪري تڪبنديون ڪرائيندي

وفاقي گهرو وزير چيو ته تڪبندين ۾ لڳ ڀڳ 120 ڏينهن لڳن ٿا، اليڪشن ملتوي نه ٿيندي ۽ نگران حڪومت بروقت اليڪشن جو بندوبست يقيني بڻائيندي، نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ يا ٻين نالن تي ڊسڪشن ٿي رهي آهي

هن چيو ته  اڃا ڪو به نالو لاڪ ناهي ٿيو، اڄ شام يا سڀاڻي تائين نگران وزيراعظم جو نالو شايد فائنل ٿي وڃي، دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي پاليسي اڄ جي نه اڳ جي آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 ٿي وئي