اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هر سال 40 کان 50 ارب رپين جي خساري ۾ هلندڙ ريلوي جي آفيسرن کي سڄي ملڪ ۾ قائم ريسٽ هائوسن ۾ انتهائي ۽ حيرتناڪ حد تائين گهٽ معاوضي تي رهائش جون سهولتون مليل آهن، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا سوڌو ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ ريلوي سان تعلق رکندڙ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي گريڊ جا آفيسر ريلوي ريسٽ هائوسن ۾ رڳو 180 رپيا روزانو جو ڪرايو ادا ڪري مستقل يا عارضي رهائش حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ريلوي آفيسرن جا ماتحت رڳو 40 کان 70 رپيا روزانو ڪرايو ڏئي ريسٽ هائوسن ۾ رهي سگهن ٿا، “پنهنجي اخبار” وٽ موجود ريلوي جي دستاويزن موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريلوي جا ڪل 83 ريسٽ هائوس قائم ٿيل آهن، جن ۾ مجموعي طور تي 380 ڪمرا آهن، ريلوي جا ڪراچي ۾ 13 ريسٽ هائوس قائم آهن، جن ۾ مجموعي طور تي 46 ڪمرا ٺهيل آهن، جن ۾ ڪراچي شهر ۾ قائم ريسٽ هائوسن ۾ 25 ڪمرا آهن، ڪوٽڙي جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 4، سيوهڻ جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 3، دادو جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 2، حيدرآباد جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 3، ٽنڊو آدم جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 3، ميرپور خاص جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 2، ڇور جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ هڪ، نبي سر  جي ٻن ريسٽ هائوسن ۾ 2، ڊگهڙي ۾ ريسٽ هائوس ۾ هڪ ڪمرو قائم ٿيل آهي، جڏهن ته ريلوي جي سکر ڊويزن ۾ 9 ريسٽ هائوس ۾ 43 ڪمرا ٺهيل آهن،  جن ۾ سکر جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 11 ڪمرا، لاڙڪاڻي جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 6، خانپور جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 5، جيڪب آباد جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 3، ڪشمور جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 3، نواب شاهه جي ٻن ريسٽ هائوسن ۾ 9، پڊعيدن جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ هڪ، رحيم يارخان جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 5 ڪمرا قائم آهن، دستاويز مطابق ڊگهڙي، ڇور، نبي سر، ڪوٽڙي ۾ قائم ريسٽ هائوس ڊيميج ٿيل هجڻ ڪري رهائش جي قابل نه رهيا آهن، جڏهن ته ڪراچي، سکر، ميرپور خاص، ٽنڊو آدم، حيدرآباد، دادو، سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ قائم ريلوي ريسٽ هائوسن جي وي آءِ پي ڪمرن ۾ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿين گريدن ۾ ريلوي آفيسر روزانو 180 رپيا ڪرايو ڏئي مستقل يا عارضي رهائش اختيار ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا، آفيس ڊيوٽي تي ايندڙ ريلوي آفيسر رڳو 500 رپيا في ڏينهن جو ڪرايو ادا ڪري، ڪراچي جهڙي شهر سوڌو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به رهي سگهن ٿا، سرڪاري ڪم کانسواءِ به ريلوي آفيسر ڪراچي جي ريسٽ هائوسن ۾ في ڏينهن جا رڳو 2500 ڏئي وي آءِ پي ڪمرن ۾ رهائش اختيار ڪري سگهن ٿا، ريلوي جي آفيسرن سان گڏ ايندڙ ماتحت عملو رڳو سنڌ ۾ قائم ريسٽ هائوسن ۾ 40 رپيا في ڏينهن جا ڏئي رهڻ جو اختيار رکن ٿا، ڪوئيٽا ۾ قائم ٻن ريسٽ هائوسن ۾ 18، ملتان ۾ قائم 22 ريسٽ هائوسن ۾ 46 ڪمرا، لاهور جي 16 ريسٽ هائوسن ۾ 68 ڪمرا قائم آهن، راولپنڊي جي 8 ريسٽ هائوسن ۾ 76، پشاور جي 9 ريسٽ هائوسن ۾ 34، ڪيريج فيڪٽري اسلام آباد جي هڪ ريسٽ هائوس ۾ 4، لوڪوموٽو فيڪٽري رسالپور جي ٽن ريسٽ هائوسن ۾ 15 ڪمرا قائم آهن، ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۾ قائم ريلوي جي ريسٽ هائوسن ۾ به ريلوي جي گريڊ 17 ۽ ان کان مٿين گريڊن ۾ آفيسر روزانو 180 رپيا ڏئي مستقل يا عارضي طور تي رهڻ جو اختيار رکن ٿا، انهن ريسٽ هائوسن ۾ غير ريلوي آفيسر به 2500 رپيا ڏئي رهي سگهن ٿا، جڏهن ته سرڪاري ڊيوٽي ايندڙ ريلوي آفيسر رڳو 500 رپيا ۽ انهن جو ماتحت عملو روزانو 70 رپيا ڏئي رهائش اختيار ڪري سگهي ٿو.