رهائشي رٿائون ۽ طاقت جو استعمال

0
866
عمران خان ڇا ڇڏي ويو آهي؟

بحريا ٽائون وارو تڪرار هونءَ ته نئون ناهي پر گذريل هفتي مقامي آبادي خلاف هٿيارن جي استعمال ۽ زوري سندن اجها ڊاهڻ خلاف ٿيل عوامي مزاحمت جي منظرن ان معاملي کي هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي بحث جو موضوع بنائي ڇڏيو آهي.
بحريا ٽائون ملڪ ۾ اڏاوتي ڪاروبار جو هڪ تڪراري پر تمام وڏو نالو آهي، ان اداري کي اسلام آباد ۾ وچولي طبقي لاءِ هڪ جديد رهائشي سوسائٽي ٺاهڻ سان ريئل اسٽيٽ جي دنيا ۾ ناماچاري ملي، جنهن کان پوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بحريا ٽائون ٺهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان اداري پاران شروع ڪيل خيراتي ڪمن جي سلسسلي به ڪجهه حلقن ۾ ان لاءِ همدردي پيدا ڪئي. سرڪاري ۽ عوامي زمين سستي اگهه تي وٺي جديد رهائشي سهولتون تعمير ڪرڻ واري ڪاروبار ۾ هن اداري جي سڃاڻپ سندس سربراهه ملڪ رياض پاران سياستدانن کان وٺي هر اداري ۾ پنهنجا همنوا ٺاهڻ سبب ملي. هينئر ان اداري جي سگهه جو هڪ اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو، ته ملڪ جي وڏن ميڊيا ادارن مان سواءِ ڊان گروپ جي ان جي خلاف ڪا به وڏي اخبار يا ٽي وي چيئنل ڪجهه به نشر ناهن ڪندا. ان جي خلاف عوامي مزاحمت توڙي سرڪاري قدمن مان ڪنهن جي به ڪوريج ناهي ٿي سگهندي. ايتري حدتائين جو جنهن ڏينهن اسلام آباد جي بحريا انڪليو ٻاهران سي ڊي اي جا بلڊوزر ان جو مکيه گيٽ ڊاهي رهيا هئا ۽ هر ٽي وي چيئنل جي سڌي نشريات واري گاڏي رپورٽرن سميت ا تي موجود هئي، ان وقت به اها خبر نشر نه ڪئي وئي.
سنڌ ۾ بحريا ٽائون پنهنجي اڏاوتي ڪاروبار جي شروعات ڪراچي کان ڪئي. ڪراچي جي هڪ پاسي سمنڊ هجڻ سبب ان جي پکڙجڻ جا ٻه اهم ڪايڊور سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان انهن ٻنهي ڪاريڊوزر ۾ ڪراچي شهر تيزي سان پکڙيو آهي، جيئن ته ڪراچي ڪنهن ماسٽر پلان هيٺ نه پيو پکڙجي، تنهنڪري ان جي پکيڙ کي ڪٿي به بريڪ نه پئي لڳي. ڏيڍ کان پوڻا ٻه ڪروڙ آبادي وارو شهر هاڻي پنهنجي آبادي جو بار سهڻ جهڙو نه رهيو آهي. مٿان شهر اندر زمين جي ڪاري ڪاروبار ۾ ايتريون ته ڌريون ملوث ٿي چڪيون آهن، جو شهر ۾ ڪرائيم ۽ رتوڇاڻ جي پٺيان هڪ اهم عنصر زمين بنيل آهي.
نومبر 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ سنڌ اندر سرڪاري زمين جي ليز ۽ ٽرانسفر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي، جيئن ته زمين جي سنڀال وارو ذمو روينيو کاتي وٽ هوندو آهي تنهن ڪري ان حڪمنامي هيٺ ان لاءِ ڪنهن به ٻاهرين ڌر کي زمين ڏيڻ ممڪن نه رهيو. ان جو حل ان ريت ڪڍيو ويو ته روينيو کاتي پاران اها زمين ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي کي منتقل ڪئي وئي. روزاني ڊان موجب ملير ۾ 43 ديهون ان کي منتقل ڪيون ويون. ايم ڊي اي جيئن ته هڪ ترقياتي ادارو آهي، تنهن ڪري ان ڪم کي ترقياتي رٿائن جي نالي هيٺ ڪرڻ جو طريقو ڪڍيو ويو. ڊسمبر 2013ع ۾ ايم ڊي اي ايڪٽ ۾ تبديلي ڪري زمين جي ڪنساليڊيشن جي وصف ۾ واڌارو ڪري، ان ۾ رهائشي پلاٽن کي به شامل ڪيو ويو. هونءَ ته زمين جي ڪنساليڊيشن جا اختيار ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊ ايڪٽ 1912ع هيٺ موجود هئا پر اهي رڳو روينيو کاتي کي مليل هئا ۽ اهي رڳو زرعي زمين تي لاڳو ٿيندا هئا.
ايم ڊي اي جي انتظاميه ان وصف جي پنهنجي من پسند تشريح ڪندي، ڪنساليڊيشن ۾ سرڪاري زمين عيوض مهانگي زمين ۽ رهائشي زمين عيوض خانگي زمين کي به شامل ڪيو ويو. اهو ئي ٽڪساٽ هو، جنهن هيٺ ان علائقي جي رهواسي کان زوري زمين وٺڻ ۽ مٿن اها زمين بحريا جي ايجنٽن حوالي ڪرڻ لاءِ زور وڌو ويو. اهڙي ريت انهن علائقن ۾ رهندڙن لاءِ ڌرتي تنگ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ان ڪم ۾ مقامي انتظاميه، سرڪاري چونڊيل عيوضي، پوليس ۽ مقامي با اثر ماڻهو سڀ شامل هئا، مقامي ماڻهن پنهنجي حال آهر پنهنجا اجها ۽ زمين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظاهر آهي ته ايڏين سگهارين طاقتن اڳيان اهو ايترو سولو ڪم نه هو.
ان وچ ۾ عدالت بحريا ٽائون خلاف هڪ فيصلي ۾ زمين جي ڏيتي ليتي واري معاملي کي غلط قرار ڏنو ۽ لڳ ڀڳ سترنهن هزار ايڪڙن کي 460 ارب رپين جي ڏنڊ عيوض قانوني قرار ڏنو ويو. البته بحريا اتي بريڪ نه هنئي ۽ پنهنجا پير 23 هزار ايڪڙن تائين پکيڙي ڇڏيا. ايئن وڌيڪ زمين ڦٻائڻ جي لالچ ۾ بحريا انهن علائقن تي به والار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ان کي قانوني طور ناهن مليل. ان تي مقامي آبادي ۽ بحريا جي انتظاميه وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو. بحريا جي پرائيويٽ سڪيورٽي سرڪاري عملدارن ۽ پوليس جي مدد سان رهواسين مٿان گوليون هلايون. مقامي آبادي انهن سڀني منظرن کي سوشل ميڊيا وسيلي عوام اڳيان آندو، جڏهن ته سواءِ ڊان گروپ جي ڪنهن به اداري انهن واقعن کي رپورٽ نه ڪيو.
هي سمورو قصو زمين جي هٻڇ جو آهي. جيڪڏهن عدالت لڳ ڀڳ سترنهن هزار ايڪڙ زمين بحريا کي ڏنڊ عيوض ڏئي ڇڏي هئي ته ان کي پنهنجا پر ٻاهر پکيڙڻ بجاءِ ان حد اندر رکڻ گهرجن ها. ايم ڊي اي کي گهرجي ها ته اها پنهنجي ايڪٽ اندر ڏنل ڪمن جي پهرين نڪتي کي ذهن ۾ رکي ها، جنهن ۾ ان جي اولين ذميواري مقامي آبادي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ڄاڻايل آهي. جيڪڏهن بحريا کي پنهنجون حدون وڌائڻ جو تمام گهڻو لاچار هو، ته اها مقامي آبادي سان ڳالهين ٻولهين وسيلي مارڪيٽ جي گهرجن آهر قانوني طور زمين خريد ڪري ها. وڌيڪ بهتر ۽ مهذب طريقو اهو هجي ها ته ان سڄي رٿا ۾ جن ماڻهن جا ڳوٺ ۽ گهر ختم ڪيا ويا، انهن کي مارڪيٽ جي حساب سان معاوضي سان گڏ ان نئين شهر ۾ هڪ الڳ سيڪٽر ٺاهي کين ريسيٽل ڪري ان رٿا ۾ اوليتي بنيادن تي روزگار تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏئي کين بهتر زندگي ڏجي ها. ترقي جي عمل ۾ مقامي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ بجاءَ ان علائقي جي ماحولياتي ۽ سماجي اثرن جي ڪٿ ڪرائي، جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ها. اهو سڀ ڪجهه ڏاڍ مڙسي ۽ اٻهرائي وارا طريقا اختيار ڪرڻ بجاءَ مهذب نموني ماڻهن جي ترقي ۽ رضامندي سان مشروط ڪرڻ گهرجي ها.
سنڌ کي جديد بنيادن تي موجوده شهر سڌارڻ ۽ نوان شهر اڏڻ جي ضرورت آهي، پر اهي قانون ۽ ضابطن هيٺ اڏڻ گهرجن، جن سان مقامي آبادي کي انهن ترقياتي رٿائن مان اوليتي بنيادن تي فائدو ملي. بحريا جهڙن طريقن اختيار ڪرڻ سبب عام ماڻهو وڏين ترقياتي رٿائن مان بدظن ٿئي ٿو.
سپر هاءِ وي تي ٻين رهائشي رٿائن ۾ به مقامي آبادي سان ساڳي قسم جو ورتاءُ ڪيل آهي، جن جو ذڪر ڊان جي رپورٽن ۾ ئي ملي ٿو. باقي سمورا اسٽيڪ هولڊر انهن رٿائن بابت ڳالهائڻ کان پاسو ڪن ٿا.
ڊان اخبار ۾ ڇپيل تحقيقي رپورٽن ۾ اها ڳالهه بنا شڪ جي نظر اچي ٿي، ته ان سڄي عمل کي سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي اعليٰ ترين قيادت جي پٺڀرائي حاصل آهي. سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي ان سڄي عمل کي مقامي آبادي جي حقن ۽ کين بهتر رييسيٽلمينٽ سان مشروط ڪري ها ته اها ئي رٿا مقامي آبادين کي بهتر زندگيون فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي پئي سگهي. پيپلز پارٽي کي سوچڻ گهرجي ته هڪ بلڊر ۽ ڊولپر لاءِ اهو رڳو زمين جو هڪ ٽڪرو هوندو آهي، پر عام ماڻهن لاءِ زمين اجهو ۽ جياپو به هوندي آهي. هونءَ ته صوبي جي هر رهواسي حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، پر خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي غير مشروط طور ان پارٽي کي ڏهاڪن کان ووٽ ڏيندا هجن.
انهن جي حقن جي تحفظ جي ذميواري ويتر سرس هوندي آهي، ملڪ رياض لاءِ بحريا بس هڪ ڪاروباري رٿا آهي، پر پيپلز پارٽي کي هن ئي صوبي انهن ماڻهن وٽ ووٽ جي سياست به ڪرڻي آهي، تنهنڪري سياسي فهم جي تقاضا آهي، ته هڪ بلڊر بجاءِ پنهنجي عوام جي حقن کي اوليت ڏني وڃي. سياسي پارٽيون عوام سان رشتا ٽوڙي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهنديون. ملير جا علائقا اڳ ئي باقي ڪراچي کان ترقي جي معاملي ۾ هڪ صدي پٺيرا آهن ۽ ويتر هن قسم جي رٿائن سان سندن وجود ئي مٽجي ويندو. سنڌ واسي ان انياءُ تي جيڪو ردعمل ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي کي ان کي سمجهڻ ۽ پنهنجون اکيون کولڻ گهرجن. ان جو سياسي آئيندو ملڪ رياض سان نه پر سنڌ جي عوام سان واڳيل آهي.
ڪراچي جي آڳاٽن ڳوٺن سان اهو انياءُ روڪڻ لاءِ هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن.
اورنگي پائليٽ پراجيڪٽ موجب ڪراچي ۾ 1131 ڳوٺ آهن، جن مان اڌ کان به گهٽ 518 ريگيولر ٿيل آهن ۽ باقي ڳوٺڻ کي باقاعده آبادي واري حيثيت ناهي مليل. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بنا دير انهن ڳوٺن کي ريگيولر ڪري انهن کي روينيو رڪارڊ جو حصو بنائي ۽ اتي جي رهواسين کي پنهنجي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي.
بحريا کي عدالت پاران اجازت مليل زمين کان وڌيڪ ڪا به زمين رکڻ جو حق ناهي. سنڌ سرڪار واڌو قبضو ڪيل زمين تان بنا دير قبضو ختم ڪرائي، اتي جي رهوسين کي واپس ڪرائي. ڳوٺاڻن مٿان فائر نگ ۾ ملوث سرڪاري ۽ خانگي گارڊن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري، واقعي ۾ ملوث سمورن سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ماڻهن تي قانوني قدم کڻي.
هينئر تائين بحريا جن ڳوٺن کي ڊاٺو آهي، ان جي مڪمل جاچ ڪرائي متاثر ڳوٺاڻن کي قانون موجب معاوضو ۽ متبادل رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ بحريا کي پابند ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ سرڪار پاران سمورن خانگي سرڪاري ادارن کي ڏنل زمين جا سمورا تفصيل عوام اڳيان پڌرا ڪيا وڃن. ڇو ته صوبي جي زمين سرڪار جي ملڪيت نه پر ان وٽ عوام جي امانت هوندي آهي. عوام کي زمين جي الاٽمينٽ جا تفصيل ڄاڻڻ جو قانوني حق حاصل آهي.
ڪراچي جو ماسٽر پلان ٺاهي، ان جي حدن کي مقرر ڪيو وڃي، ۽ ان جي اجهل پکيڙ کي روڪيو وڃي. شهر جي ٻهراڙين ۾ آباد رهواسين جي حقن، سندن گذر سفر جي وسيلن، قدرتي وسيلن ۽ آڳاٽن آثارن کي قانون موجب تحفظ ڏنو وڃي.