سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، وفاق ۽ ارسا جي هوڏ

0
564
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

عالمي قانون آهن ته درياهن جي پاڻي تي سدائين پڇڙي وارن جو حق هوندو آهي. پر دنيا جي اڪثر ملڪن ۾، جن جو دارومدار زراعت ۽ درياهن تي آهي، اتي ان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي رهندي آهي ۽ پوڇڙي ۾ واقع ملڪن ۽ منڍ وارن ملڪن ۾ پاڻي جو تڪرار هلندو رهندو آهي. مصر، عراق ۽ سوڊان، ڀارت ۽ بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ پاڻي جو تڪرار هلندڙ آهي. ائين وري ملڪن اندر صوبن ۽ رياستن ۾ پاڻي جي معاملي تي اختلاف هوندا آهن. گنگا جي پاڻي تي ڀارت جي مختلف رياستن ۾ اختلاف آهن، ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ جو هڪ سبب پڻ پاڻي آهي. ڇاڪاڻ ته اتي پاڻي جا ذخيرا موجود آهن ۽ ننڍي کنڊ جا اڪثر درياهه ڪشمير مان ئي نڪرندا آهن. پاڻي جي وسيلن تي قبضي جي خواهش جي ڪري ئي ڪشمير ٻن ايٽمي طاقتن ۾ اختلافن جو سبب بڻيل آهي. ائين ئي وري سنڌ ۽ پنجاب جا به پاڻي تي اختلاف انگريزن جي دور کان جاري آهن. پاڪستان ۾ هونئن ته 6 وڏا درياهه آهن، جن ۾ سنڌو، جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ڪابل درياهه شامل آهن، پر 3 درياهه سنڌ طاس معاهدي تحت ملڪ جي پهرئين آمر جنرل ايوب خان ڀارت کي وڪرو ڪري ڇڏيا هئا ۽ هاڻ رڳو 3 درياهه ملڪ جي آبادي لاءِ بچيا آهن جن ۾ بياس، سنڌو ۽ ڪابل شامل آهن.
باقي ٽن درياهن ۾ ٻوڏ جي موسم ۾ ئي وڌيڪ پاڻي ايندو آهي نه ته ٿيا خير. پنجاب ۾ سمورا درياهه سنڌو ۾ داخل ٿين ٿا ۽ سنڌ ۾ اڪيلو سنڌ درياهه اچي ٿو يعني سنڌو درياهه سنڌ جو اڪيلو سهارو آهي. جيئن ته سنڌ سنڌو درياهه جي ڇيڙي ۾ واقع آهي ۽ پنجاب صوبو ان جي منڍ ۾ آهي ان ڪري پاڻي پنجاب کي وڌيڪ ملندو آهي ۽ سنڌ جي حصي ۾ اڪثر کوٽ ئي ايندي آهي. نالي ۾ ته ملڪ ۾ پاڻي جي ورڇ لاءِ انڊس ريور سسٽم اٿارٽي يا ارسا جي نالي تي ادارو قائم آهي پر ان جي ورڇ تي سنڌواسين کي ڪڏهن به اعتبار ناهي رهيو. ارسا گهڻيون ئي دعوائون ڪندو آهي ته پاڻي جي ورڇ قانون موجب ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جو عوام انهن دعوائن مان مطمئن ناهي. مطمئن به ڀلا ڪيئن ٿيندو؟ ڀلي ڪيتريون به دعوائون ڪجن ته سنڌ کي حصي کان وڌيڪ پاڻي مليو آهي پر جڏهن سنڌ جي آبادگار ۽ هاري وٽ پنهنجي پوک کي ڏيڻ جيترو پاڻي ناهي پهچندو ته اهو ڪيئن مڃيندو ته واقعي سنڌ کي حصي کان وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي؟؟؟؟
هن وقت به سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، اسان جي آبادگارن جون زمينون وونئڻن ۽ خريف جي مند جي ٻين فصلن جي پوکائي لاءِ پاڻي لاءِ سِڪي رهيون آهن، پوکيل آڳاٽا فصل سُڪي رهيا آهن ته پوءِ آبادگارن کي ارسا جون دعوائون ڪيئن مطمئن ڪنديون؟ پاڻي جي مسئلي ته سياسي پارٽيون احتجاج به ڪري رهيون آهن ۽ ڪن ته ڌرڻن جا به اعلان ڪيا آهن، جڏهن ته ارسا وارن وري سنڌ جي موقف کي اهو چئي رد ڪيو آهي ته سنڌ کي پاڻي وڌيڪ ڏنو ويو آهي ان ڪري کوٽ جي ذميواري اسان تي ناهي. اسان پورو پاڻي قانون موجب ڏئي رهيا آهيون پنجاب به پنهنجي حصي مان چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي وهائي رهيو آهي. اڄ ئي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ارسا اهو به تسليم ڪيو آهي ته پاڻي جي ورڇ 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت نه پر 1994ع ۾ ڪيل ٽه رخي فارمولي تحت ڪئي پئي وڃي. ان بيان ۾ اها ڳالهه به وڏي واڪي چئي وئي آهي ته هاڻ آڳاٽي خريف يا 10 جون 2021ع تائين پاڻي جي ورڇ ان ئي تاريخي ٽه رخي فارمولي تحت ڪئي ويندي جڏهن ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت ورڇ ڪرڻ جو ڪو امڪان نه آهي. سنڌ کي ته اعتراض ئي اهو آهي ته ورڇ پاڻي ٺاهه تحت ڪئي وڃي تاريخي فارمولي تحت نه. جيڪڏهن ارسا پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ۽ سنڌ کي پاڻي پنهنجي حصي موجب نه ڏنو ويو ته اها ڳالهه ملڪ جي يڪجهتي لاءِ سٺي ثابت نه ٿيندي. سنڌ جو عوام اها ڳالهه سمجهڻ تي مجبور ٿيندو ته هن ملڪ کي سنڌ جي وسيلن جي ضرورت آهي سنڌ جي عوام جي نه. کين سنڌ جي معدني وسيلن جي ترقي کپي ٿي، سنڌ جي عوام جي خوشحالي نه. اها سوچ ڪيتري خطرناڪ هوندي آهي ان جو تجربو رکڻ باوجود ملڪ جا واڳ ڌڻي ۽ بااثر ڪو سبق سکڻ لاءِ تيار نه آهن.