دوستن کي پارٽي ڏيڻ لاءِ سنگدل پيءُ هڪ مهيني جي ڌيءَ وڪرو ڪري ڇڏي

0
324

ڪراچي (م.ڊ) ڀارتي رياست جهارکنڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ دوستن کي پارٽي ڏيڻ لاءِ سنگدل پيءُ هڪ مهيني جي ڌيءَ وڪرو ڪري ڇڏي. مقامي پوليس موجب بڌرام چتومبا نالي هڪ شخص پنهنجي دوستن کي پارٽي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر وٽس شراب جو بندوبست ڪرڻ لاءِ پيسا نه هئا. پوليس موجب جوابدار ڀرواري ڳوٺ مان هڪ جوڙي کي گهر گهرايو ۽ 30 هزار رپين عيوض پنهنجي 28 ڏينهن جي ڌيءَ کي وڪرو ڪري ڇڏيو. ٻارڙيءَ جي ماءُ چيو ته مڙس زبردستي ٻارڙي کي جوڙي حوالي ڪيو ۽ تشدد جي خوف کان مون ڪو ردعمل نه ڏنو. پوليس موجب جوابدار جون 2 شاديون آهن پهرين گهرواري مان کيس 6 ۽ ٻي مان 3 ٻارن جو اولاد آهي، پوليس جوابدار جي ڳولا ڪري رهي آهي.