دليپ ڪمار جنھن سان محبت ڪئي، اُن سان شادي نه ڪري سگھيو

0
356

ڪراچي(م ڊ) ليجنڊ ادڪار دليپ ڪمار اداڪاره سائره بانو سان 1966 ۾ شادي ڪئي، پر ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دليپ ڪمار جي پهرين محبت ڀارتي اداڪاره ڪامني ڪوشل هئي ۽ هي محبت بالي ووڊ فلم شهيد جي سيٽ تي پروان چڙهي، ڀراتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽريجڊي ڪڪنگ دليپ ڪمار هن محبت کي شادي ۾ بدلائڻ جو حامي هو پر اداڪاره ڪامني ڪوشل جو ڀاءُ هن رشتي جي مخالفت ڪئي، ڀارتي ميڊيا موجب ڪامني ڪوشل ان وقت پنهنجي مرحوم ڀيڻ جي ٻارن جي سار سنڀال لهي رهي هئي ۽ ان جي خاطر ان جي مڙس سان شادي به ڪري چڪي هئي، ان ڪري هن جو هن رشتي کان ٻاهر اچڻ ڏاڍو مشڪل هو، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ڪامني جي ڀاءُ دليپ ڪمار کي پنهنجي ڀيڻ سان پيڇو ڇڏرائڻ لاءِ اداڪار کي ڌمڪيون به ڏنيون هيون، ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي لکارين طرفان هي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪامني ڪوشل ۽ دليپ ڪمار جي محبت کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڪامني جي ڀاءُ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي هئي..