دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ جوابدار ڇڏڻ تي اي ايس آءِ سميت 5 ڄڻن تي ڪيس جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت روشن علي جي داخل ڪيل 22 اي بي جي درخواست تي اي ايس آء ضمير کنڊ ، جمعدار مختيا گوپانگ سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، روشن علي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته سندس گهر مان موبائيل سيٽ ، 80 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان چوري ڪندڙ قاسم لغاري ۽ سندس پٽن کي ثبوتن سميت پڪڙي پوليس حوالي جن کي ڄاڻايل اهلڪارن آزاد ڪري ڇڏيو آهي