تل ابيب / قاهرا (م ڊ) قاهرا ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن دوران غزا ۽ رفح جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان پي ايل او جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اڳواڻ حسين الشيخ سان به ملاقات ڪئي. عرب پرڏيهي وزير ۽ انٽوني بلنڪن جي ملاقات وچ ۾ ٿيل ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي جنهن ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزير غزا ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو. پڌرائي موجب، عرب پرڏيهي وزير مطالبو ڪيو ته اسرائيل ۽ غزا وچ ۾ سمورن رستن کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن امدادي سامان جي پهچ آسان ٿئي. ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ هو ته رفح ۾ اسرائيل جو وڏو فوجي آپريشن غلطي هوندي، حماس سان وڙهڻ لاءِ فوجي آپريشن کان سواءِ ٻيا به کوڙ طريقا آهن. هن چيو ته رفح ۾ فوجي آپريشن سان صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿيندي، آمريڪا فلسطينين جي جبري لڏپلاڻ ۽ غزا پٽي تي ٻيهر قبضي کي نه مڃيندو. هن وڌيڪ چيو ته حماس- اسرائيل ڳالهين جو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن مچ اوڀر جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد اسرائيل پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جمعي جي ڏينهن تل ابيب پهتو جتي هو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات ڪري غزه جنگبدي بابت ڳالهيون ڪندو. انٽوني بلنڪن پنهنجي دوري لاءِ قاهره کان اسرائيل پهتو آهي، دوري دوران اسرائيلي حڪومت سان عزه ۾ انساني امداد جي ورڇ تي ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب آمريڪي پرڏيهي وزير اسرائيلي حڪومت تي رفح ۾ زميني ڪارروائي نه ڪرڻ تي زور ڀريندو.  ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسين آمريڪي حمايت بنا به رفح ۾ فوج اماڻينداسين.